ڊپريشن گھٽائڻ لاءِ نئون علاج دريافت

موجودا دور ۾ ڊپريشن عام مرض بڻجندو پيو وڃي نئين تحقيق ۾ ان مرض ۾ گھٽتائي آڻڻ لاءِ علاج جو نئون طريقو دريافت ڪيو ويو آهي.
زماني جي تيز رفتاري دوران وڌندڙ خواهشون، طرز زندگي، اڳتي نڪرڻ جي خواهش انسانن کان سڪون کسي ورتو آهي ڪيترائي ماڻهو انهيءَ دٻاءَ جو شڪار ٿي پنهنجي ننڊ به وڃائي ڇڏيندا آهن. ان ڪري ذهني دٻاءَ (ڊپريشن) جو مرض جيڪو ڪجهه سال اڳ ناياب مرض سمجهيو ويندو هو هاڻي عام مرض بڻجندو پيو وڃي ۽ ان جو شڪار هر عمر ۽ هر جنسي جا ماڻهو ٿي رهيا آهن.
ڊپريشن جي علاج جا ڪيترائي طريقا آهن پر نئين تحقيق ۾ ٻڌايو ويو آهي ته لائيٽ (روشني) ٿيراپي ذريعي ننڊ ۾ بهتري آڻي ڊيمنشيا جي مريضن ۾ ڊپريشن ۽ جارحاڻي رويي ۾ گھٽتائي آڻي سگھجي ٿي.
اها تحقيق چين جي ويفينگ ميڊيڪل يونيورسٽي ۾ ڪئي وئي آهي جنهن مان اهو نتيجو ڪڍيو ويو آهي ته تيز روشني ڏسڻ جسم جي گھڙي کي ٻيهر ترتيب ڏيڻ ۾ مدد ڏئي سگھي ٿو.
اها تحقيق هڪ سائنسي رسالي پي ايل او ايس ون ۾ به شايع ٿي آهي جنهن ۾ ٻڌايو ويو آهي ته 2005ع کان 2022ع جي وچ ستن مختلف ملڪن ۾ ٿيل 15 ٽرائلز جو مطالعو ڪيو ويو ۽ انهن ٽرائلز ۾ لائيٽ ٿيراپي کي الزائمر جي علاج طور ڏٺو ويو هو.
تحقيق ۾ ن معمولي نوعيت کان وٺي وڌيڪ نوعيت وچ ۾ ڊيمينشيا جا مريض شامل هئا ۽ سندن عمر 60 کان 85 ورهين جي وچ ۾ هئي.
تحقيق مان خبر پئي ته لائيٽ ٿيراپي سبب تحقيق ۾ شامل ماڻهن جي ننڊ جي معيار ۾ بهتري آئي ۽ انهن کي بستري تي گھٽ وقت جاڳڻو پيو. جڏهن ته هلڪي روشني ننڊ جي معيار تي گھٽ فائديمند اثر وڌا هئا.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.