اسان کي ساڍا 4 ڏينهن نه 6 ڏينهن ڪم ڪرڻ جي پگهار ملندي آهي: چيف جسٽس جو جسٽس اعجاز کي خط

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) چيف جسٽس آف پاڪستان جسٽس قاضي فائز عيسيٰ سپريم ڪورٽ جي جسٽس اعجاز الاحسن کي جوابي خط لکي ڇڏيو.
چيف جسٽس خط ۾ چيو آهي ته منهنجا در توهان سڀني ساٿين لاءِ سدائين کليل آهن، مان انٽر ڪام ۽ فون تي به سدائين موجود آهيان.
هن چيو ته توهان پنهنجي خدشن لاءِ نه مون کي ڪال ڪئي نه ملاقات لاءِ آيا، توهان جي خط تي فوري طور توهان جي انٽر ڪام تي رابطي جي ڪوشش ڪئي پر جواب نه مليو.
چيف جسٽس جي بقول مان پنهنجي اسٽاف کي توهان سان رابطي جو چيو ته اسٽاف ٻڌايو توهان جمعي تي منجهند جو لاهور هليا ويا آهيو.
جسٽس قاضي فائز عيسيٰ چيو ته اسان کي 6 ڏينهن ڪم ڪرڻ جي پگهار ملندي آهي ساڍن چئن ڏينهن جي نه، جج جي پهرين ذميواري عدالتي فرض انجام ڏيڻ آهي.
هن سوال ڪيو ته مشورو ڪرڻ ۾ دلچپسي نه هئي ته جنهن ايڪٽ کي توهان معطل ڪيو هو، ان تي عمل ڇو ڪيان ها؟ جيڪڏهن مون کي ججن جي ڪميٽي جي فيصلن تي عمل نه ڪرڻو هجي ها ته ان ڪارروائي کي پبلڪ ڇو ڪيان ها؟
چيف جسٽس چيو ته ججن جي ڪميٽي جا ٽي اجلاس توهان جي غير موجودگي سبب ملتوي ٿيا، ججز روسٽرز تي توهان جا اعتراض آهن ته نئون اجلاس گهرائي نئين بئنچ جي جوڙجڪ تي غور ٿي سگهي ٿو.
واضح رهي ته گذريل ڏينهن سپريم ڪورٽ ۾ بئنچن جي جوڙ جڪ تي جسٽس اعجاز الاحسن سپريم ڪورٽ جي رجسٽرار کي خط لکي خدشن جو اظهار ڪيو هو.
جسٽس اعجاز الاحسن نومبر ۾ به اعتراض ڪيو هو، جنهن تي چيف جسٽس جواب ڏنو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.