عورتن کي به گھڻين شادين جي اجازت هجي ها ته؟

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) پاڪستان جي مشهور ليکڪ خليل الرحمان قمر شادي لاءِ ناري ۽ نوجوان جي رضامندي کي لازمي قرارڏئي ڇڏيو آهي.
سوشل ميڊيا تي خليل الرحمان قمر جي هڪ وڊيو ڪلپ وائرل ٿيرهي آهي جنهن ۾ کيس شادي بابت ڳالهائيندي ڏسي ۽ ٻڌي سگهجي ٿو.
اها وائرل ڪلپ خليل الرحمان قمر جي هڪ پوڊ ڪاسٽ انٽرويو جي آهي جنهن ۾ هن مردن ۽ عورتن جي فطرت بابت پنهنجا نڪته نظر پيش ڪيو.
خليل الرحمان قمر مردن بابت ڳالهائيندي چيو ته مردن جي هڪ فطرت هوندي آهي، هو هڪ يا ٻه ڀيرا محبت ڪري سگھن ٿا. سلام ۾ مرد کي چئن شادي جي اجازت ڏني وئي آهي.
هن چيو ته مردن ۾ هڪ مينوفيڪچرنگ ڊيفالٽ آهي، پرجيڪڏهن ڪنهن عورت کي به ائين ڪرڻ جي اجازت ڏني وڃي ها ته اسان گھٽين ۾ ڊي اين اي ميچنگ ڪلينڪ کولي ويٺا هجون ها.
ناليواري ليکڪ عورتن بابت چيو ته ”ها هڪ عورت دوکو ملڻ تي مرد کي ڇڏي سگھي ٿي پر آخر ۾ ڪنهن ٻئي مرد وڃڻو پوندو ۽ سڀني مردن جي فطرت هڪ جهڙي هوندي آهي“.
هن شادي تي راضپي بابت والدين کي پيغام ڏيندي چيو ته شادي جيڪڏهن ڇوڪِري يا ڇُوڪري جي مرضي سان ٿئي ته اها خراب ناهي ٿيندي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.