سياسي اشرافيا هٿان کيڏڻ کان انڪار تي نتيجا ڀوڳي رهيو آهيان: جسٽس مظاهر نقوي جو خط

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) سپريم جڊيشل ڪائونسل ۾ ڪارروائي جي معاملي تي جسٽس مظاهر نقوي چيف جسٽس ۽ سپريم ڪورٽ جي ججن کي کليل خط لکي ڇڏيو.
خط جي متن موجب چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ ۽ جسٽس سردار طارق مسعود اڳوڻي چيف جسٽس کي منهنجي خلاف ڪارروائي ڪرڻ لاءِ خط لکيا، سپريم ڪورٽ ۽ پاڪستان جي عوام کانسواءِ ڪنهن لاءِ فرض انجام نه پيو ڏيان.
جسٽس مظاهر نقوي خط ۾ وڌيڪ لکيو ته پاڪستان جي سياسي اشرافيا هٿان کيڏڻ کان انڪار تي ان جا نتيجا ڀوڳا رهيو آهيان، مان سپريم جڊيشل ڪائونسل جي جعلي ڪارروائي جو آخر تائين مقابلو ڪندس، اهو منهنجي ذات نه پر سپريم ڪورٽ جي وقار جو معاملو آهي.
خط موجب جسٽس اعجاز الاحسن جو سپريم ڪورٽ رجسٽرار کي لکيل خط ظاهر ڪري ٿو ته پريڪٽس اينڊ پروسيجر قانون جي ڪيئن ڀڃڪڙي ڪئي پئي وڃي، جسٽس اعجاز الاحسن جو خط ٻڌائي ٿو ته 3 رڪني ڪميٽي جي اجلاس ۾ سينارٽي بنياد تي بئنچون جوڙڻ جو فيصلو ٿيو، چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ ان موقعي تي هيءَ بئنچ ڇو جوڙي ڇڏي؟ ان جو فيصلو توهان ججن کي ڪرڻو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.