مردن جي زندگي عورتن کان 6 سال گھٽجي وئي : تحقيق ۾ انڪشاف

هڪ تحقيق جي نتيجن مان اها ڳالهه سامهون آئي آهي ڪورونا کان پوءِ آمريڪي مردن جي زندگي عورتن جي ڀيٽ ۾ 6 سالن تائين گھٽجي وئي آهي.
طبي ماهرن جي هڪ نئين تحقيق مان خبر پئي آهي ته ڪورونا کان پوءِ آمريڪا ۾ مردن ۽ عورتن وچ ۾ امڪاني زندگي ۾ فرق گذريل سالن جي ڀيٽ ۾ سڀ کان گھڻو وڌي ويو آهي.
جاما انٽرنيشنل ميڊيسن رسالي ۾ ڇپيل تحقيقي نتيجن موجب 1996ع کان پوءِ مردن ۽ عورتن وچ ۾ امڪاني عمر جو فرق گھڻو وڌي ويو آهي، جنهن جا بنياد سبب ڪورونا ۽ منشيات جي زيادتي سڀ کان اهم آهن.
ان کان اڳ 2021ع ۾ حڪومتي انگن اکرن ۾ ٻڌايو ويو هو ته ان وقت ڪيل مطالعي موجب عورتن جي امڪاني عمر 79.3 ورهيه جڏهن ته مردن جي 73.5 ورهيه هئي. ماهرن پنهنجي تحقيق نتيجن ۾ ٻڌايو هو ته آمريڪين جي امڪاني زندگي 2019ع کان لاڳيتو گھٽجي رهي آهي، جيڪا 2020ع ۾ 78.8 سال هئي 77.0 ۽ 2021ع ۾ وڌيڪ گھٽجي 76.1 سال ٿي وئي آهي.
تازي مطالعي جي ليکڪ ڊاڪٽر برينڊن يان (يونيورسٽي آف ڪيليفورنيا، سان فرانسسڪو) نيويارڪ ٽائمز کي ڏنل پنهنجي هڪ بيان ۾ تحقيق جي نتيجن تي ڳڻتي جو اظهار ڪندي چيو ته امڪاني عمر لاڳيوت گھٽجڻ جو رجحان پريشان ڪندڙ آهي.
هن چيو ته اسان کي ان شيءِ تي گھري نظر رکڻي پوندي ته ڪهڙي ايج گروپ جي ماڻهن جي امڪاني عمر گھٽجي رهي آهي، ته جيئن ان فرق کي گھٽائي سگھجي.
ڊاڪٽر يان مردن ۽ عورتن جي امڪاني عمر ۾ وڌندڙ فرق جا سبب بيان ڪندي ٻڌايو ته ان سڄي معاملي ۾ خاص طور تي مردن جي خراب ٿيندڙ دماغي صحت تي ڌياڻ ڏيڻو پوندو.
تحقيق ڪندڙ ماهرن عورتن ۽ مردن جي امڪاني عمر ۾ وڌندر فرق جي سببن ۾ شگر، دل جا مرض، مايوسي، آپگهات ۽ شراب واپرائڻ کي به اهم قرار ڏنو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.