خيبر پختونخواهه جو 58 هزار شڪي سڃاڻپ ڪارڊ بلاڪ ڪرڻ جو فيصلو

پشاور (ويب ڊيسڪ) خيبر پختونخواهه جي گهرو کاتي 58 هزار شڪي قومي سڃاڻپ ڪارڊ بلاڪ ڪرڻ جو فيصلو ڪري ورتو.
شڪي قومي سڃاڻپ ڪارڊ بلاڪ ڪرڻ جو فيصلو صوبائي گهرو کاتي جي اسٽيئرنگ ڪميٽي جي اجلاس ۾ ڪيو ويو.
دستاويز موجب گهرو کاتي نادرا کي جعلي سڃاڻپ ڪارڊ بلاڪ ڪرڻ جا حڪم جاري ڪيا آهن ۽ جعلي پي او آر، افغان ڪارڊ بلاڪ ڪرڻ لاءِ نادرا کي خط لکيو آهي.
ذريعن جو چوڻ آهي ته نادرا جعلي پي او آر ڪارد، افغان ڪارڊ ۽ جعلي پاڪستاني سڃاڻپ ڪارڊ بلاڪ ڪري ڇڏيا آهن.
دستاويز موجب پشاور ۾ 9 هزار 720 غير قانوني رهندڙ ماڻهن جي ميپنگ جو عمل به مڪمل ٿي ويو ۽ بلاڪ ڪارڊن جي تفصيلن جي حوالي سان سڀني ڊپٽي ڪمشنرن کي 5 ڏينهن جي آخري ڊيڊ لائن ڏني وئي آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.