وڏي سهولت، هاڻ گهر ويٺي ئي گاڏي ۽ موٽر سائيڪل جي رجسٽريشن ٿيندي!

لاهور (ويب ڊيسڪ) لاهور جا شهري هاڻ گهر ويٺي ئي گاڏي ۽ موٽر سائيڪل جي رجسٽريشن ڪرائي سگهندا.
ايڪسائز کاتي نئين ڊور اسٽيپ سروس متعارف ڪرائڻ جو فيصلو ڪري ورتو، اختيارين موجب شهري گهر ويٺي هيلپ لائن تي رابطو ڪندا، نمائندو گهر پهچي ويندو.
ايڪسائز کاتي جي ڊائريڪٽر موجب 24 ڪلاڪن اندر رابطو ڪري گاڏي جي رجسٽريشن يقيني بڻائي ويندي، شهري جي بائيو ميٽرڪ ۽ چالان جي رقم به فوري طور آن لائن ادا ڪرڻ جي سهولت هوندي، ڪجهه منٽن ۾ شهري گهر ويٺي پنهنجي گاڏي ۽ موٽر سائيڪل جو رجسٽرڊ نمبر حاصل ڪندو.
هن ٻڌايو ته پهرئين فيز ۾ 12 موٽر سائيڪلون ۽ هڪ گاڏي سروس لاءِ مختص هوندي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.