وارن ۾ نشانيون سمجهي دل جي دوري کان بچي سگهجي ٿو!

ڪهڙا به سبب هجن پر اڄڪلهه جوانيءَ جا ۽ اوچتا موت گهڻا ٿي ويا آهن، مختلف سببن سميت اڪثر ماڻهن کي هاءِ بلڊ پريشر ۽ دل جو دورو موت جي منهن ۾ اماڻي ڇڏي ٿو، دل جي دوري پوڻ کان اڳ سيني ۾ سور پوندو آهي جيڪا هڪ اهم علامت آهي پر دل جي دوري پوڻ کان اڳ ٻيون به ڪيتريون ئي علامتون ظاهر ٿينديون آهن جيڪي اها نشاندهي ڪن ٿيون ته جلد دل جو دورو پئجي سگهي ٿو ۽ جيڪڏهن انهن کي نظر انداز ڪرڻ بدران سمجهه کان ڪم وٺجي ته موتمار خطرن کان بچڻ سميت ڪيتريون ئي زندگيون بچائي سگهجن ٿيون.

دل جي دوري جي مريضن لاءِ ٻه ڪلاڪ دير به سندن حياتي وڃائڻ جو سبب بڻجي ويندي آهي، صحت جي ماهرن موجب دل جي دوري کان اڳ وارن ۾ به ڪجهه علامتون ظاهر ٿينديون آهن جن کي نوٽ ڪري جيڪڏهن احتياط يا فوري علاج ڪبو ته ان موتمار حملي کان بچي سگهجي ٿو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.