بک فيصلا سازي جي صلاحيت کي متاثر ڪري ٿي:تحقيق

لنڊن (ويب ڊيسڪ) هڪ نئين تحقيق ۾ ٻڌايو ويو آهي ته بک جي وقت پيٽ ۾ ٺهندڙ هارمون جانورن جي دماغ جي فيصلو ڪندڙ حصي کي متاثر ڪري سگھي ٿو.
تحقيق ۾ سائنسدانن بکين ڪوئن جو مطالعو ڪيو.
پنهنجي نوعيت جي پهرين تحقيق ۾ سائنسدانن اهو ڄاڻڻ جي ڪوشش ڪئي آهي ته بک جي حالت ۾ ٺهندڙ هارمون ڪيئن دماغ جي هپوڪيمپس (دماغ جو فيصلو ڪندڙ حصو جيڪو سمجهڻ ۽ يادداشت کي استعمال ڪرڻ ۾ مدد ڏيندو آهي) حي جي ڪارڪردگي کي ان وقت متاثر ڪندو آهي جڏهن جانور کائڻ جو سوچي رهيا هجن.
يونيورسٽي ڪاليج لنڊن جي محققن موجب جانورن جي ضرورت کان وڌيڪ نه کائڻ کي يقيني بڻائڻ لاءِ هپوڪيمپس کاڌي جي آڏو جانورن جي کائڻ جي گھرج کي روڪيندو آهي. پر جيڪڏهن جانور گھڻو بکايل هجي ته هارمونز دماغ کي اها رنڊڪ هٽائڻ جي هدايت ڪندا آهن.
محقق پراميد آهن ته سندن تحقيق جا نتيجا کائڻ جي مسئلن جي نظام کانسواءِ خوراڪ ۽ ذهني بيماري جهڙن صحت جي ٻين بابت تحقيق ۾ مدد فراهم ڪري سگھن ٿا.
تحقيق جي سربراهه ليکڪ اينڊريو ميڪ ايڪسل جو چوڻ هو ته اسان اهو ڄاڻون ٿا ته اسان جي بک اسان جي فيصلن کي متاثر ڪري سگھي ٿي. پيٽ جي ڀريل هجڻ يا خالي سبب کاڌو مختلف مطلب رکندو آهي.
هنن چيو ته اهو خيال جيڪو سادي لڳي ٿو حقيقت ۾ گھڻو پيچيدهه آهي. فيصلو ڪرڻ لاءِ دماغ جو اهم حصو پيٽ ۾ ٺهيندڙ بک جي هارمونز سان گھڻي حساسيت رکي ٿو، جيڪو اسان جي کائڻ جي چونڊ بابت دماغ جي مدد ڪندو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.