دنيا جا امير ترين ماڻهو موسمياتي بحران جو سڀ کان وڏو سبب قرار

هڪ رپورٽ ۾ انڪشاف ڪيو ويو آهي ته دنيا جا امير ترين ماڻهو موسمياتي بحران جي سبب جي لسٽ ۾ سڀ کان مٿي آهن.
خيراتي اداري اوڪسفيم طرفان ڪيل تحقيق ۾ ٻڌايو ويو آهي ته دنيا جو هڪ سيڪڙو امير ترين طبقو زمين تي موجود ٻه ڀاڱي ٽي غرين طبقي جي ڀيٽ ۾ تمام گھڻي ڪاربن ڊاءِ آڪسائيڊ خارج ڪرڻ جو سبب بڻجي ٿو.
رپورٽ ۾ نشاندهي ڪيل ماڻهن ۾ ميڪسيڪن ڪاروباري شخصيت ڪارلوس سلم، مائڪرو سافٽ جو باني بل گيٽس، ايمازون جو مالڪ جيف بيزوس، اميريڪن اوريڪل فائونڊر ليري ايليسن سميت ٽيسلا ۽ ايڪس (اڳوڻي ٽوئيٽر) جيسربراهه ايلون مسڪ جهڙيون شخصيتون شامل آهن.
رپورٽ موجب اڇي نسل جا ارب پتي ماڻهو ماحول کي نقصان پهچائڻ ۾ سڀ کان اڳڀرائي آهن جڏهن ته عورتون، ٻئي نسل ۽ مقامي ماڻهو ان فهرست ۾ آخر ۾ آهن.
انهن ماڻهن ۽ ٻين طرفان خارج ٿيندڙ ڪاربن جو سبب سندن وڏيون سيڙپڪاريون، سندن گھر، نجي سپر ياٽ، جهاز ۽ ٻيون شيون آهن.
ليکڪن ان ڳالهه جي به نشاندهي ڪئي ته دنيا جي ڪيترائي امير ترين ماڻهو موسمياتي بحران کي نظر ۾ رکندي دنيا ڇڏي وڃڻ جي به تياري ڪري رهيا آهن. جنهن جو هڪ مثال ايلون مسڪ جو مريخ تي انسانن جي وسندي اڏڻ جو ارادو آهي.
اوڪسفيم جي اها نئين رپورٽ اسٽاڪ هوم انوائرنمينٽل انسٽيٽيوٽ (ايس اي آءِ) جي تحقيق تي ٻڌل آهي. تحقيق ۾ دنيا جي امير ترين ماڻهن ۽ باقي دنيا وچ ۾ ڪاربن جي اخراجي فرق جي نشاندهي ڪئي وئي هئي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.