سريلنڪا کي عالمي ڪرڪيٽ کيڏڻ جي اجازت ملي وئي

دبئي ( ويب ڊيسڪ ) آءِ سي سي سريلنڪا کي عالمي ڪرڪيٽ کيڏڻ جي اجازت ڏئي ڇڏي.

آءِ سي سي موجب، سريلنڪا گڏيل سيريز ۽ عالمي ايونٽ کيڏي سگهي ٿي پر ڪرڪيٽ سريلنڪا جا سمورا معاملا ڪرڪيٽ ڪائونسل ڏسندي.

ياد رهي ته آءِ سي سي ورلڊ ڪپ 2023ع ۾ سريلنڪن ٽيم جي بدترين ڪارڪردگي سبب سريلنڪن راندين واري وزير بورڊ کي برطرف ڪري ڇڏيو هو.

آءِ سي سي ڪرڪيٽ بورڊ ۾ حڪومت مداخلت تي سريلنڪن ڪرڪيٽ بورڊ کي معطل ڪري ڇڏيو هو.

سريلنڪا جي اڳوڻي ڪپتان ارجونا راناٽنگا ان معاملي تي بي سي سي آءِ جي سيڪريٽري جئه شاهه به تنقيد جو نشانو بڻايو ۽ کيس سريلنڪن ڪرڪيٽ جي تباهي جو ذميوار قرار ڏنو هو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.