خاور مانيڪا جي انٽرويو تي عمران خان جو موقف به سامهون اچي ويو

راولپنڊي (ويب ڊيسڪ) پي ٽي آءِ چيئرمين جي وڪيل شير افضل مروت چيو آهي ته عمران خان، خاور مانيڪا جو بيان ڪوڙو قرار ڏئي ڇڏيو آهي.
اڊيالا جيل ٻاهران صحافين سان ڳالهائيندي شير افضل مروت چيو ته ملڪ ۾ جمهوريت کي هٿي نه پئي ڏني وڃي، تحريڪ انصاف کي مائنس ڪرڻ لاءِ گهرو معاملن تي ڳالهيون ڪيون پيون وڃن، جنهن جو ڪو جواز ناهي.
واضح رهي ته گذريل ڏينهن بشريٰ بي بي جي اڳوڻي مڙس خاور مانيڪا هڪ انٽرويو ۾ چيو هو ته عمران خان پيري مريدي جي چڪر ۾ اسان جو چڱو ڀلو گهر تباهه ڪري ڇڏيو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.