ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ايم ڪيو ايم پاڪستان جا وڌيڪ ٽي اڳواڻ پ پ ۾ شامل ٿي ويا.
ڪراچي ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي ايم ڪيو ايم پاڪستان سان واسطو رکندڙ خواجا سهيل منصور، مزمل قريشي ۽ سيف يار خان پ پ ۾ شموليت اختيار ڪئي.
ان موقعي تي پ پ اڳواڻ سعيد غني چيو ته بدمعاشي ۽ غنڊا گردي قبول ناهي، ڪراچي تي قبضي جي ڪنهن کي اجازت نه ڏني ويندي.
هن چيو ته پ پ جون سياسي سرگرميون ڏسي ايم ڪيو ايم جا ساٿي شامل ٿيا آهن، هاڻ ايم ڪيو ايم ماڻهن کي خوفزده ڪري رهي آهي، جيڪو مناسب ناهي، سڀني شهرين ۽ سياسي ورڪرن کي آزادي حاصل آهي ته اهي پنهنجي سياست ڪري سگهن.
خواجا سهيل منصور چيو ته ايم ڪيو ايم جي ماڻهن پنهنجي گهرن تي لوٽا ٽنگيا، منهنجو خيال آهي ته پنهنجو چونڊ نشان به اهو ئي رکندا، ايم ڪيو ايم وارا وائڙائپ جو شڪار آهن، ڪراچي جي حقيقي جماعت پ پ آهي، هر شخص پنهنجي دل سان اچي رهيو آهي، ڪنهن کي زبردستي نه پيو آندو وڃي.
مزمل قريشي چيو اسان سڀني کي حق حاصل آهي ته ڪنهن به پارٽي ۾ وڃون، وڌيڪ ماڻهو ايم ڪيو ايم کان پري ٿيندا، ڪراچي جي ماڻهن کي خبر آهي ته انهن کي ڪاڏي وڃڻو آهي.
سيف يار خان چيو ته اسان جي پنهنجي سڃاڻپ آهي، ڌمڪي جهڙي رويي تي چوندس ته جتان توهان پڙهيا آهيو، اسان به اتان ئي پڙهيا آهيون.
You might also like