ڀارتي ٽيم کي پهريون ڀيرو ورلڊ چيمپيئن بڻائيندڙ اڳوڻي ڪپتان ڪپل ديو کي ڀارتي ڪرڪيٽ بورڊ وساري ڇڏيو، جنهن جو انڪشاف هن پاڻ هڪ انٽرويو دوران ڪيو.
ڀارتي ميڊيا جي رپورٽن موجب، اڳوڻي ڪپتان ڪپل ديو انٽرويو دوران انڪشاف ڪيو ته گذريل آچر تي ڀارت ۽ آسٽريليا وچ ۾ آءِ سي سي ورلڊ ڪپ 2023ع جي فائنل ميچ لاءِ کيس دعوت نه ڏني وئي.
ميڊيا رپورٽس موجب، بي سي سي آءِ طرفان ڀارت ۽ آسٽريليا وچ ۾ آءِ سي سي مينز ون ڊي ورلڊ ڪپ 2023 جي فائنل ميچ ڏسڻ لاءِ تمام ملڪن جي ورلڊ ڪپ فاتح ڪپتانن کي دعوت ڏني وئي هئي.
Kapil Dev Not invited to World Cup Finals#KapilDev #IndiaVsAustralia #WorldcupFinal #IndiaVsAustraliaWC2023 #WC2023 pic.twitter.com/zLRDB8ASdd
— Veer Wolf (@wolfbaaz) November 19, 2023
اڳوڻي ڪپتان ڪپل ديو جي سربراهي ۾ ڀارت پهريون ڀيرو ڪرڪيٽ جي ميدان ۾ عالمي ڪپ کٽيو هو.
ڪپل ديو فائنل ميچ دوران هڪ ٽي وي شو ۾ نظر آيو، جنهن تي کائنس ميچ ۾ غيرموجودگيءَ جو سبب پڇيو ويو.
هن ميزبان جي سوال جو جواب ڏيندي چيو ته کيس فائنل لاءِ دعوت نه ڏني وئي هئي انڪري نه ويس هتي سڏايو ويو ته آيو آهيان.
هن ڳالهه جاري رکندي چيو ته مان چاهيان ٿو ته 1983ع جي پوري فاتح ٽيم منهن سان گڏ اسٽيديم ۾ موجود هجي پر مون کي لڳي ٿو ته هي ايڏو وڏو ايونٽ آهي ۽ ماڻهو ذميوارين کي سنڀالڻ ۾ ايترو مصروف آهن ڪڏهن ڪڏهن کين وسري ويندو آهي.