اسان جي جسم جو 60 سيڪڙو حصو پاڻي تي ٻڌل آهي ۽ اهو ئي سبب آهي جو روز مناسب مقدار ۾ پاڻي پيئڻ تمام ضروري هوندو آهي.
پر سياري جي موسم ۾ گھڻا ماڻهو گھٽ پاڻي پيئڻ لڳندا آهن ڇو جو هنن کي اُڃَ جو احساس گھٽ ٿيندو آهي.
موسم گرم هجي يا ٿڌي، مناسب مقدار ۾ پاڻي پيئڻ سان صحت کي درست رکڻ ۾ مدد ملندي آهي.
ٿڌي موسم ۾ مناسب مقدار ۾ پاڻي پيئڻ اهي فائدا ڄاڻيو جن جي سائنسدانن تصديق ڪئي آهي.
جسماني ڪاڪردگي بهتر ٿيندي آهي
جيڪڏهن اوهان جي جسم ۾ پاڻي جي کوٽ آهي ته جسماني ڪارڪردگي متاثر ٿيندي آهي.
ڊي هائڊريشن سان جسم جو گرمي پد گھٽجي ويندو آهي، جسماني مشقت ڪرڻ جو عزم گھٽ هوندو آهي ۽ ٿڪ وڌندو آهي، جنهن جي ڪري ڪم ڪرڻ ڏکيو ٿي ويندو آهي.
ان جي ڀيٽ ۾ مناسب مقدار ۾ پاڻي پيئڻ سان جسماني ڪارڪردگي بهتر ٿيندي آهي جڏهن ته جسماني مشقت جا اثر به گھٽ هوندا آهن.
دماغي فعلن لاءِ اهم
اسان جو دماغ پاڻي جي کوٽ سان تمام گھڻو متاثر هوندو آهي.
تحقيقي رپورٽن موجب جسم ۾ پاڻي جي معمولي کوٽ سان به دماغي فعل متاثر ٿيندا آهن.
هڪ تحقيق ۾ دريافت ڪيو ويو ته پاڻي جي کوٽ سان چڙ اچي سگھي ٿي جڏهن ته ڌيان ڏيڻ ڏکيو ٿي ويندو آهي.
اهڙي طرح ڊي هائڊريشن جي نتيجي ۾ ٿڪ ۽ انزائٽي جهڙين علامتن کي به منهن ڏئي سگھجي ٿو، جنهن جي نتيجي ۾ جسماني توانائي به گھٽ هوندي آهي.
مٿي ۾ سور کان بچڻ ۾ مدد ملندي آهي
ڊي هائڊريشن جي نتيجي ۾ مٿي ۾ سور ۽ مائگرين (اڌ مٿي جي سور) جو خطرو وڌندو آهي.
تحقيقي رپورٽس مان ثابت ٿيو آهي ته مٿي جو سور جسم ۾ پاڻي جي کوٽ جي سڀ کان وڏي علامت آهي.
ڪجهه تحقيقي رپورٽس ۾ ٻڌايو ويو آهي ته ڪيترائي ڀيرا پاڻي پيئڻ سان به مٿي جي سور ۾ گھٽتائي ايندي آهي.
قبض کي پري رکڻ ممڪن
قبض هڪ اهڙو عام مسئلو آهي ۽ جسم ۾ پاڻي جي کوٽ ان جو شڪار بڻائيندي آهي.
حقيقت ۾ هر عمر جي ماڻهو ۾ ڊي هائڊريشن جي نتيجي ۾ قبض جو خطرو وڌندو آهي.
تنهنڪري قبض کي هميشه لاءِ پاڻ کان پري رکڻ چاهيو ٿا ته پاڻي جي مناسب مقدار جو استعمال عادت بڻايو.
بُڪين جي پٿري کان تحفظ
بُڪين ۾ پٿري عام مسئلو آهي گھڻو ڪري پاڻي جي کوٽ سان ان کي سلهاڙيو ويندو آهي.
مناسب مقدار ۾ پاڻي پيئڻ سان بُڪين ۾ پٿري جو خطرو گھٽ هوندو آهي ڇو جو منرلز گڏ ٿيڻ بدران پيشاب جي رستي خارج ٿي ويندا آهي.
جسماني وزن ۾ گھٽتائي
مناسب مقدار ۾ پاڻي پيئڻ سان جسماني وزن ۾ گھٽتائي آڻڻ ۾ مدد ملندي آهي.
ان جو سبب اهو جو پاڻي سان پيٽ ڀريل هجڻ جو احساس دير تائين برقرار رهندو آهي جڏهن ته ميٽابولزم فعل بهتر ٿيندا آهن.
ڪجهه شاهدين مان اشارو مليو آهي ته گھڻو پاڻي پيئڻ سان جسماني وزن ۾ گھٽتائي آڻڻ ۾ مدد ملندي آهي ڇو جو اسان جو جسم وڌيڪ ڪيلوريز ساڙيندو آهي.
خاص طور تي هر کاڌي کان اڌ ڪلاڪ اڳ پاڻي پيئڻ سان جسماني وزن ۾ گھٽتائي آڻڻ ۾ وڌيڪ مدد ملندي آهي.
ساهه جي بوءِ کان تحفظ
وات خشڪ ٿيڻ به ساهه جي بوءِ جو سڀ کان وڏو سبب آهي ڇو ٿُڪ وات جي صفائي ۾ مک ڪردار ادا ڪندي آهي جنهن جي کوٽ سان بيڪٽيريا جو مقدار وڌندو آهي.
ڏينهن ۾ مناسب مقدار ۾ پاڻي پيئڻ سان ٿُڪ وڌيڪ ٺهندي آهي ۽ ساهه جي بوءِ جو مسئلو ناهي ٿيندو.
نوٽ:اهو مضمون طبي رسالن ۾ ڇپيل تفصيلن تي ٻڌل آهي، ان حوالي سان پنهنجي ڊاڪٽر سان به مشورو ڪريو.