ممبئي (ويب ڊيسڪ) بالي ووڊ ليجنڊري اداڪار ڌرميندر جي ديهانت کانپوءِ سندس پهرين سالگرهه تي هيما مالني جذباتي ٿي وئي.
اداڪارا سماجي رابطن جي ويب سائيٽ ايڪس تي پنهنجي سورڳواسي مڙس سان گهاريل ڪجهه لمحن جون يادگار تصويرو شيئر ڪيون ۽ ان سان گڏ هڪ جذباتي ڪيپشن پڻ لکيو.
هن پنهنجي پوسٽ ۾ لکيو ته ” ڌرم جي! منهنجا پيارا سالگرهه مبارڪ هجئي.“
اداڪارا لکيو ته ” ڌرميندر جي ديهانت کي ٻن هفتن کان وڌيڪ وقت گذري چڪو آهي، پر هوءَ هاڻي به پنهنجو پاڻ کي سنڀالڻ ۽ زندگي ٻيهر ترتيب ڏيڻ جي ڪوشش ڪري رهي آهي. “
سندس چوڻ هو ته دل ٽُٽڻ باوجود هوءَ هوريان هوريان پاڻ کي سنڀالي رهي آهي، ۽ يقين آهي ته ڌرميندر هميشه سندس روح اندر جيئرو رهندو.
هن پنهنجي گڏيل ماضيءَ کي ساريندي چيو ته ” زندگيءَ جا اُهي خوبصورت يادون ڪڏهن به مَٽجي نٿيون سگهن، اِهي ساروڻيون سڪون ۽ خوشي ڏين ٿيون.“
هيما مالني چيو ته ” خدا جو شڪر آهي جنهن ڌرميندر سان ايترا سال ڏنا، ٻن نياڻين جي اولاد عطا ڪئي جيڪي اڄ به سندن رشتي جي شاهدي آهن.“
You might also like