پاڪستان کي گهربل عادل راجا بابت برطانوي عدالت وڏو حڪم ڏئي ڇڏيو

لنڊن (ويب ڊيسڪ) برطانيا ۾موجود اڳوڻي فوجي آفيسر ۽ يوٽيوبر عادل راجا کي جج برگيڊيئر رٽائرڊ ارشد نصير کان عوامي سطح تي معافي وٺڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو.
جج حڪم ڏنو آهي ته معافي 28 ڏينهن تائين عادل راجا جي ايڪس، فيسبڪ، يوٽيوب ۽ سندس ويب سائيٽ واري پيج تي موجود رهندي.
ان کانسواءِ عادل راجا کي 22 ڊسمبر تائين ڏنڊ ۽ عدالتي خرچن جي مد ۾ 3 لک 10 هزار پائونڊ ادا ڪرڻا پوندا.
واضح رهي ته عادل راجا هلندڙ سال آڪٽوبر ۾ سندس خلاف ٿيندڙ ساک کي ڇيهو رسائڻ وارو ڪيس هارائي ويو هو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.