بابا علي نواز ٻٽ، ھڪ ھمدرد انسان

ڊاڪٽر زبيده ٻٽ

ننڍپڻ  کان منهنجي خواهش رهي آهي ته باباسائين تي ڪجهه لکان سو اها خواهش پوري ڪرڻ جو بهترين موقعو مليو آهي. لکڻ لاءِ جڏھن پين کڻي ويٺس ته سوچن جي اڻ کٽ سلسلن ۽ ياد گيرين واريو. منھنجي بابا علي نواز ٻٽ جي شخصيت تي الائي ڪيتريون ٿيسز ۽ پي ايڇ ڊيز  ٿي سگهن ٿيون،  بابا سائين تمام گھڻا امن پسند با شعور، سادا، سچا ،  همدرد ۽ مهمان نواز طبيعت جا مالڪ آهن

منهنجو بابا سائين مون بابا کي مون هميشه هڪ رهبر جي روپ ۾ ڏٺو. رهبري ۽ شفقت صرف اسان لاءِ نه بلڪ خاندان جي هر ننڍي وڏي ماڻهو لاءِ . پاڻ سدائين مٽن مائٽن دوستن يارن جا همدرد رهيا آهن مون کي تمام سٺي طرح ياد آهي جڏهن به ڪو ڳوٺ ڏي بيمار ٿيندو هيو ڪراچي اسان جي گهر کڻائي ايندا هئس۔ پوءِ  بابا سائين ۽ امڙ جيجل انهن جون خدمتون ڪندي نه ٿڪندا هئا ايتري تائين جو پنھجي جيپ ۾ اسپتال وٺي وڃڻ ڊاڪٽرن کي ڏيکارڻ ۽ جيڪڏهن ڪو اسپتال ۾ داخل ٿيندو هو ته ان سان گڏ اسپتال ۾  رهڻ به سندن ڪم هوندو هو پاڻ اڄ تائين ائين ئي آھن۔

بابا سائين کي مون هميشه اهو چوندي ٻڌو ۽ پڙھيو ته پاڻ مڃايو، غلامي کان پاڻ کي بچايو جيئن ته منھنجو بابا سائين جي ايم سيد کان تمام گھڻا متاثر آهن. بابا چوندا آهن ته سنڌ جي آزادي تڏهن ممڪن آهي جڏهن اسين تعليم يافته هونداسين صرف ڇوڪرن لاءِ نه بلڪه ڇوڪرين لاءِ به ساڳي راءِ  اٿن پاڻ جيجي در شهوار سيد جو سدائين مثال ڏيندا آھن چوندا آھن ته جي جي هڪ سيد زادي ٿي ڪري به جرمني مان پي ايڇ ڊي  ڪري آئي ،

بابا سائين به جي ايم سيد جي ان ڳالھه  وانگر خاندان جي مخالفت باوجود مون کي يونيورسٽي ڏانهن ماسٽرس لاءِ  موڪليو سڄو خاندان ناراض ٿي ويس پر بابا نه صرف مونکي پر منھنجين ننڍين ڀينرن ۽ سوٽن کي به يونيورستي تائين  آندو مون ماسٽرس کان پوءِ  ايم فل ۽ پوءِ پي ايڇ ڊي  ڪئي پاڻ سدائين هر مشڪل ۾ گڏ رھيا مون سان انٽرميڊيت کان وٺي پي ايڇ ڊي تائين واري ڏکي دور  ريسرچ واري وقت ۾  مون سان ريسرچ ڪرڻ ۾ مشغول هوندا ھئا. ايسيتائين جو جيڪو ڪم منھنجي استادن جو ھوندو ھو. اهو به بابا سائين ڪرائيندا ھئا ، يونيورسٽين ۾ هڪڙو ڪال آهي اهي شاگردن کي مواد نه ڏيندا آهن پوءِ  شاگرد نقل طرف ويندا آھن پر بابا مونکي سمورد مواد خرچ ڪري مھيا ڪيو۔آفيس – يونين – تحريڪ سڀني ذميوارين سان گڏوگڏ مون کي يونيورسٽي ڇڏي اچڻ ۽ واپس گھر وٺي اچڻ به سندن ذميواري هئي.چاچا نادر علي سان گڏجي اسان سڀني جون ذميواريون پوريون ڪندا هئا . پر پنھنجين ضرورتن کي صفا گهٽ ڪري چڏين اسان سڀني جون ضرورتون پوريون ڪرڻ لاءِ  بابا سائين اوور ٽائيم به ڪندا ھئا.بابا سائين گهڻيون پريشانيون ڏٺيون. گهر ڀاتين جي وڇوڙن جا هانوَ ڏاريندڙ صدما ڀوڳيا، بابا وارا چاچا جي وڏن پٽن دلدار ۽ علي رضا کي ڪراچي وٺي آيا ۔ ميٽرڪ تائين ڪراچي ۾ رهيا. بابا چوندا آهن ته پنھنجو پاڻ ۾ گڏ ٿي رهو ڪير به اوھان کي ٽوڙي نه سگھندو، اڪثر مٽن  مائٽن ۾ رساما ٿيندا رهندا آهن ، بابا جي پھرين ڪوشش رهي آهي پرچائڻ پوءِ  ڀلي  مسئلو ڪنهن ٻئي ماڻھوءَ جو ڇو  نه هجي پاڻ اڳڀرو ٿي ڪري پرچار ڪرائيندا آهن. زندگي جي لاڙھن چاڙھن ۾ ڪڏھن تحريڪ جا ته ڪڏھن مٽن مائٽن جا مسئلا سلجھائيندا رهندا آهن۔2021 جي پڇاڙي ۾ بابا جو نوجوان ڀائيٽو دلدار علي وفات ڪري ويو 2022 سال جي شروعات ڏکن سان ٿي فيبروري ۾ اسان جي امڙ جيجل ۽ مارچ ۾ چاچا سائين نادر علي جنھن کي اسان پيار ۾ بابو بادشاھ سڏيندا ھياسون تن جي وفات ٿي ويئي.

ھاڻ بابا اداس ۽ بيمار رھن ٿا. اڪثر سڀني کي خاص طور  امڙ ۽ بابو بادشاھ کي ياد ڪندا آھن . اڄ به بابا سائين پنھنجي گھر جا سمورا ڪم پاڻ ڪندا آھن ۽ پنھنجي سياسي سماجي سرگرمين ۾ مناسب حصو وٺندا آھن اڄ به گھر جون سموريون زميواريون ضرورتون پاڻ نڀائي رھيا آھن ،   اڄ به اسان کي ھميشه وانگر   اڳتي وڌڻ پڙھڻ جي تاڪيد ڪندا آھن .مونکي چوندا آھن مختلف شين تي ريسرچ ڪر آرٽيڪل لک ،  پنھنجي سروس تائين محدود نه رھو.  ،  سندن اڄ به اھا ئي محبت مھمان نوازي ،  ھمدردي موجود آھي .

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.