ٽيڪنالاجي جي ويڙهه، اوپن اي آءِ جو برطرف سي ايِ او مائيڪرو سافٽ لاءِ ڪم ڪندو

چيٽ جي پي ٽي تيار ڪندڙ ڪمپني اپن اي آءِ جي چيف ايگزيڪٽيو آفيسر جي عهدي تان برطرف ڪيل سام آلٽمين مائيڪرو سافٽ جو حصو بڻجڻ وارو آهي.

اِهو اعلان مائيڪرو سافٽ طرفان ڪندي ٻڌايو ويو آهي ته سام الٽمين مائيڪرو سافٽ ۾ آرٽيفيشل انٽيلينجس ( اي آءِ ) ٽيڪنالاجي تي ڪم ڪندڙ ٽيم جي سربراهي ڪندو.

مائيڪرو سافٽ جي چيئرمين ۽ سي اي او ستيا نڊيلا ٻڌايو ته سام آلٽمين سان گڏ اوپن اي آءِ جو اڳوڻو صدر ۽ شريڪ باني گريگ بروڪ مين ۽ ٻيا ساٿي به نيوايڊوانسڊ اي آءِ تحقيقي ٽيم جو حصو هوندا.

هن ايڪس پوسٽ ۾ ٻڌايو ته اسان کين ڪاميابيءَ لاءِ گهربل وسيلا ڏينداسين، اسان اوپن اي آءِ جي عارضي سي ايِ او ايميٽ شئير سميت نئين ٽيم سان گڏ ڪم جاري رکڻ ۽ ڀائيواري کي برقرار رکڻ لاءِ پرعزم آهيون.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.