ونڊوز 10 تي هلندڙ ڪمپيوٽرن لاءِ اهم اَپ ديٽ

مائيڪرو سافٽ پنهنجي آرٽيفيشل انٽيليجنس ( اي آءِ ) ٽيڪنالاجي تي ٻڌل ڊجيٽل اسسٽنٽ ڪو پائيلٽ ونڊوز 10 آپريٽنگ سسٽم ۾ معارف ڪرائڻ جو فيصلو ڪيو آهي.

ان اي آءِ اسسٽنٽ کي پهرين رڳو ون ونڊوز 11 لاءِ جاري ڪيو ويو پر هاڻ ڪمپني اعلان ڪيو آهي ته ڪو پائليٽ کي ونڊوز 10 آپريٽنگ سسٽم جو حصو بڻايو ويندو.

ان ذريعي واهپيدارن ونڊوز 10 استعمال ڪندي نئين سسٽم جا فيچرز استعمال ڪرڻ جو موقعو ملندو.

نئين اي آءِ اسسٽنٽ مان پهرين رڳو ( بيٽا ) واهپيدار لاڀ حاصل ڪري سگهندا ۽ ايندڙ ڪجهه مهينن دوران هوريان هوريان ونڊوز 10 هوم ۽ پرو ايڊيشنز واهپيدارن لاءِ متعارف ڪرايا ويندا.

ڪو پائليٽ چيٽ جي پي ٽي تي ٻڌل اي آءِ چيٽ بوٽ آهي جيڪو ڪيئي ڪمن لاءِ استعمال ڪري سگهجي ٿو.

جيڪڏهن اوهان ڪو پائليٽ تائين جلد پهچ حاصل ڪرڻ چاهيو ٿا ته  ونڊوز 10 تي هلندڙ ڪمپيوٽر اوپن ڪري ۽ سيٽنگز ۾ وڃو.

سيٽنگز ۾ اَپ ڊيٽ اينڊ سيڪيورٽي ۽ پوءِ ونڊوز اَپ ڊيٽ تي ڪلڪ ڪريو. اتي Get the latest updates as soon as they’re available جو آپشن تي ڪلڪ ڪريو، جنهن ذريعي اوهان نئين اَپ ڊيٽس ڏسي اِهي انسٽال ڪري سگهو ٿا.

ٻئي پاسي مائيڪرو سافٽ طرفان آڪٽوبر 2025ع تائين ونڊوز 10 آپريٽنگ سسٽم جي سپورٽ ختم ڪرڻ جو به فيصلو ڪيو ويو آهي، جنهن کانپوءِ آپريٽنگ سسٽم لاءِ سيڪيورٽي ۽ ٻين اَپ ڊيٽس دستياب نه هونديون.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.