ڀارت جي شڪست تي بابر جو ردعمل، ڪوهليءَ جي سال پراڻي پوسٽ وائرل

ڪراچي ( ويب ڊيسڪ ) آءِ سي سي مينز ون ڊي ورلڊ ڪپ جو فائنل گذريل ڏينهن ڀارتي شهر احمد آباد جي نريندي مودي ڪرڪيٽ اسٽيڊيم ۾ کيڏيو ويو جتي آسٽريليا ڀارت کي ڇهن وڪيٽن تان شڪست ڏئي ڇهون ڀيرو عالمي چيمپيئن بڻجي ويو .

آسٽريليا جي فتح کانپوءِ سموري دنيا جي موجودا توڻي اڳوڻن ڪرڪيٽ فاتح ٽيم کي واڌايون ڏنيون جن ۾ پاڪستاني ڪرڪيٽرز به شامل هئا پر انهن سڀني ۾ هڪ ڪرڪيٽر جي انسٽاگرام اسٽوري سڀني جي ڌيان جو مرڪز بڻجي وئي.

پاڪستان جي اڳوڻي ڪپتان بابر اعظم آسٽريليا جي ڪاميابي کانپوءِ انسٽاگرام جي اسٽوري تي لکيو ته ” ڪرڪيٽ آسٽريليا کي وڌايون، فائنل ۾ اوهان ڇا ته شاندار ڪارڪردگي جو مظاهرو ڪيو“ .

بابر اعظم جي ان اسٽوري تي مداحن کي گذريل سال 2022ع ۾ ٿيل ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ جي فائنل ياد اچي ويو جنهن ۾ انگلينڊ پاڪستان کي پنج وڪيٽن تان شڪست ڏني هئي.

انگلش ٽيم جي ڪاميابي کانپوءِ ڀارتي ڪرڪيٽر ويرات ڪوهلي انسٽاگرام اسٽوري پوسٽ ۾ لکيو هو ” واڌايون انگلينڊ، اوهان ان ڪاميابي جا حقدار هئا“ .

هاڻ بابر اعظم طرفان آسٽريليا کي مبارڪباد پيش ڪرڻ تي واهپيدار طرفان چيو پيووڃي ته اِهو ڀارتي ڪرڪيٽ سان مڪافاتِ عمل ٿيو.

ڪيئي واهپيدارن ڪوهليءَ جي پراڻي اسٽوري پوسٽ ڪئي ۽ بتصرا ڪيا.

هڪ صارف لکيو ته بابر اِها پوسٽ ڪنهن مقصد تحت ڪئي آهي.

ٻئي واهپيدار ان کي نيوٽن جو ٽيون قائدو قرار ڏيندي لکيو ته هر عمل ڪو ڪو نه ڪو ردعمل ضرور هوندو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.