سنڌ کي پيپلز پارٽي کان ڇوٽڪارو ڏيارڻ جو مشن

عطاالله ميمڻ

ملڪ ۾ عام چونڊن جو شيڊيول جاري ناهي ٿيو پر چونڊ مهم هاڻ کان ئي شروع ٿي وئي آهي، پيپلز پارٽي، ن ليگ، ايم ڪيو ايم پاڪستان، جمعيت علماءِ اسلام، پاڪستان تحريڪ انصاف، استحڪام پاڪستان پارٽي ۽ ٻين ننڍين وڏين سياسي جماعتن مورچا سنڀالي ورتا آهن، سڀ کان وڌيڪ گرم سياسي ماحول پنجاب، سنڌ ۽ خيبر پختونخواهه ۾ نظر اچي رهيو آهي، اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف جي ڏيهه واپسي کانپوءِ ن ليگ ووٽ کي عزت جو نعرو ڀت سان هڻي حڪومت اسان کي ڏيو جو نعرو بلند ڪري ڇڏيو آهي، ن ليگ ڪنهن به ريت پنجاب کي فتح ڪرڻ چاهي ٿي، ڇو ته جيستائين پنجاب فتح نه ٿيندو ڪنهن به سياسي پارٽي لاءِ ملڪ ۾ حڪومت ٺاهڻ ناممڪن آهي. پ پ کي پنجاب کان پري رکڻ لاءِ ن ليگ پراڻا سياسي حربا استعمال ڪرڻ شروع ڪري ڇڏيا آهن، جنهن جي پهرين جهلڪ ن ليگ ۽ ايم ڪيو ايم وچ ۾ اتحاد جي صورت ۾ نظر آئي، ان اتحاد سان پ پ کي ڪو خاص نقصان ٿيندي نظر نه پيو اچي پر صوبي ۾ هڪ سياسي ماحول ضرور جنم ورتو آهي، ن ليگ ۽ ايم ڪيو ايم جي اتحاد کانپوءِ پ پ جي تنقيد ۽ طنزيه وار مان اندازو ٿي رهيو آهي ته پ پ کي ڪراچي فتح ڪرڻ جو منصوبو ڏکيو لڳي رهيو آهي. سڀني کي نظر اچي رهيو آهي ته ن ليگ هن وقت وڏن جي پسنديده جماعت آهي ۽ ن ليگ سان ايم ڪيو ايم جو اتحاد به وڏن جي چوائس ئي قرار ڏنو پيو وڃي، لازمي آهي ان اتحاد ذريعي ڪراچي ۾ پ پ جيڪو گرائونڊ ٺاهيو هو، ان ۾ رنڊڪ پيدا ڪئي ويندي ۽ ان اتحاد سان ايم ڪيو ايم پاڪستان کي ڪراچي ۾ اها سپورٽ ملندي، جيڪا ن ليگ کي سڄي پنجاب ۾ ملڻ جو امڪان ڏٺو پيو وڃي.
سنڌ جي شهري ۽ ٻهراڙي وارن علائقن ۾ زميني سياسي حقيقت بلڪل تبديل آهي، آصف علي زرداري جي سنڌ ۾ حڪمت عملي سان هيل تائين اهو ته صاف لڳي رهيو آهي ته پ پ 8 فيبروري تي ٿيندڙ چونڊن ۾ سنڌ ۾ وڏي اڪثريت سان ڪامياب ٿي چوٿون ڀيرو حڪومت ٺاهڻ ۾ ڪامياب ٿي ويندي، ان جو اصل ڪارڻ سنڌ جا اها اليڪٽبلز آهن، جيڪا اڃا تائين پ پ سان جڙيل نظر اچي رهيا آهن، انهن اليڪٽبلز جي انگ ۾ گهٽتائي ته نه پئي ٿئي پر روز واڌ ضرور ٿي رهي آهي، گهوٽڪي جي مهر خاندان جي ناراض ماڻهن سردار علي نواز خان مهر ۽ گوهر علي مهر به پ پ ۾ شموليت اختيار ڪري ورتي آهي، گھوٽڪي ڊسٽرڪٽ ۾ سڀ کان وڏو سياسي اثر خانپور مهر جي ان ئي مهر خاندان جو آهي، ٻيو وڏو سياسي خاندان سردار خالد احمد خان لنڊ آهي، جيڪو اڳ ئي پ پ ۾ شامل آهي، هاڻ ٻنهي خاندانن جي پ پ ۾ شموليت سان واضح ٿي ويو آهي ته گهوٽڪي ڊسٽرڪٽ ۾ پ پ ڪلين سوئيپ ڪندي. شڪارپور ضلعي ۾ غوث بخش مهر پ پ کي ٽف ٽائم ڏيندي نظر آيو آهي، سندس تڪ لکي غلام شاهه مان ڪڏهن پ پ ڪامياب ناهي ٿي، هن به پنهنجي سياسي جانشين شهريار مهر خان ۽ ساٿين سميت پ پ ۾ شموليت اختيار ڪري ورتي آهي، ان سان شڪارپور ضلعو به بلڪل ڪليئر ٿي ويو، هاڻ اتي دراني خاندان ۽ مهر خاندان جو راڄ قائم ٿي ويندو، سدائين مهر ۽ دراني خاندان سياسي مخالف رهيا آهن پر هاڻ غوث بخش مهر ۽ آغا سراج دراني ڀائر بڻجي ويا آهن. ٽنڊي الهيار ۾ هونئن ته پ پ سدائين کٽيندي پئي اچي، اتي شاهپور رضوي جي رضوي خاندان ۽ بچاڻي خاندان جي سياست جو سڪو هلندو پيو اچي، عام چونڊون هجن يا مڪاني چونڊون سيد ضيا عباس شاهه رضوي ۽ عبدالستار بچاڻي جي حڪمت عملي سان پ پ ئي سڄي ضلعي ۾ ميدان ماريو آهي پر 2018 جي چونڊن ۾ چمبڙ جو صوبائي اسيمبلي تڪ، جتان امداد پتافي چونڊ وڙهندو آهي، اتان جي ڊي اي اميدوار حاجي خير محمد کوکر پ پ کي انتهائي ٽف ٽائم ڏنو هو ۽ ڪجهه ئي ووٽن تان امداد پتافي الله الله ڪري چونڊ کٽيو هو، هن ڀيري چونڊن کان اڳ خير محمد کوکر به پ پ ۾ شامل ٿي ويو آهي، هاڻ ٽنڊي الهيار ۾ رڳو مگسي خاندان، جنهن جي سرپرست اڳوڻي ضلعي ناظمه راحيله مگسي آهي، مخالف موجود آهي پر مسلسل عوام کان پري رهڻ ۽ چونڊن جي موسم ۾ تڪ ۾ اچڻ سان انهن جي سياست به ڪافي غير مقبول ٿي وئي آهي. اهڙي ريت مٽياري ضلعي ۾ به پ پ جو پاسو وزنائتو نظر اچي رهيو آهي پر اڳوڻي ڊي جي ايف آءِ اي بشير ميمڻ جي ن ليگ ۾ شموليت کانپوءِ اتان جو سياسي ماحول ڪافي سرگرم ٿي ويو آهي، هي اهو ئي بشير ميمڻ آهي، جنهن جي پٺ ڀرائي تي 2013 جي چونڊن ۾ پ پ مخالف مٽياري عوامي اتحاد وجود ۾ آيو هو، جنهن موجب مسلم ليگ (ف) سان اتحاد ڪيو ۽ چونڊن ۾ ڀرپور حصو ورتو، ان وقت مٽياري ضلعي جي هڪ قومي ۽ ٻن صوبائي اسيمبلي تڪن ۾ مٽياري عوامي اتحاد پ پ اميدوارن کي ٽف ٽائم ڏنو هو، ٻڌائيندڙن ٻڌايو ته ان اليڪشن جي آخري ڏينهن ۾ آصف زرداري جا وڏن سان سياسي معاملا سيٽ ٿي ويا هئا، جيڪڏهن نتيجن جي گهڙي وقت وڏا نيوٽرل ٿي وڃن ها ته ٽنهي تڪن مان پ پ جي شڪست يقيني هئي پر ائين نه ٿيو، کٽيندڙن کي هارايو ويو ۽ هارايل ماڻهن کي کٽرايو ويو.
سنڌ ۾ مسلسل 15 سالن تائين حڪومت ڪندڙ پ پ صوبي ۾ شايد ئي ڪو اهڙو اليڪٽبلز هجي، جنهن کي پارٽي ۾ شموليت نه ڪرائي هجي، ٺٽو ۽ سجاول ضلعا به ڪليئر نظر پيا اچن، اتي شيرازي ۽ ملڪاڻي خاندان جو راڄ هلندو آهي، شيرازي جتي بيهندا آهن اتان ڪاميابي يقيني ٿي ويندي آهي، اهڙي ريت محمد علي ملڪاڻي ۽ سندس ڀاءُ شوڪت ملڪاڻي به عوام ۾ وڏي پذيرائي رکن ٿا، ٻنهي ڀائرن جي عوامي مقبوليت جو اندازو لڳايو وڃي ته اهي ڪيترن ئي ڏهاڪن کان مسلسل چونڊون کٽيندا پيا اچن. بدين به پ پ مضبوط بڻائي ڇڏيو آهي، ذوالفقار مرزا ۽ ڊاڪٽر فهيمده مرزا جي عليحدگي باوجود بدين ۾ پ پ وڏي اڪثريت سان 2018 ۾ ۽ هاڻ به مڪاني چونڊن ۾ ميدان ماريو آهي، هاڻ ته صورتحال اها آهي ته پ پ ۾ ايترا وڏيرا شامل ٿي ويا آهن جو ٽڪيٽن جو فيصلو ڪرڻ ڏکيو ٿي ويو آهي، هڪ هڪ تڪ مان ڏهه ڏهه وڏيرن ٽڪيٽن لاءِ درخواستون ڏنيون آهن، ٽڪيٽ تي هڪ کي ملڻي آ، هاڻ عام تاثر اهو آ ته جنهن جي لابنگ مضبوط هوندي، جيڪو مالي طور تي وڌيڪ مستحڪم ۽ مضبوط هوندو ٽڪيٽ ان کي ئي ڏني ويندي. سنڌ صوبي جي سراسري صورتحال تي نظر وجهون ته شايد ئي ڪو اهڙو تڪ هجي، جتي پ پ کي شڪست جو خوف هجي، اها صورتحال چونڊن کان ٻه مهينا اڳ جي آهي پر اها پاڪستان جي سياست آهي، هتي ڪجهه به ٿي سگهي ٿو، ڇا خبر چونڊ واري ڏينهن پ پ وٽ اميدوار ئي نه هجي، حيدرآباد، سکر، ٽنڊي محمد خان، ڄامشوري، ميرپورخاص، ٿرپارڪر، عمرڪوٽ، سانگهڙ، خيرپور، نوشهري فيروز، لاڙڪاڻي، دادو، شهيد بينظير آباد، قمبر ايٽ شهدادڪوٽ، ڪنڌڪوٽ ايٽ ڪشمور ضلعن ۾ پ پ جي پوزيشن هن وقت بلڪل ڪليئر آهي، اتان ان جا اميدوار وڏي اڪثريت سان کٽيندي نظر پيا اچن، پري پري تائين اهو نظر نه پيو اچي ته 2024 جي چونڊن ۾ ڪا مخالف پارٽي پ پ کي شڪست ڏئي سگهي ٿي، ن ليگ ۽ ايم ڪيو ايم جي اتحاد جو جيڪڏهن ڪو اثر پيو ته اهو رڳو ڪراچي ۾ پوندو، ان ڳالهه ۾ ڪي ٻه رايا ناهن ته 2018 کانپوءِ سنڌ حڪومت ڪراچي تي گهڻو فوڪس ڪيو آهي، ڪراچي ۾ رڪارڊ ترقياتي ڪمن سان گڏ عوام جي ڀلائي جا ڪيترائي منصوبا متعارف ڪرايا آهن، مڪاني چونڊن ۾ ايم ڪيو ايم پاڪستان جي بائيڪاٽ کانپوءِ پ پ وڏي اڪثريت سان ميدان ماري ورتو ۽ ملڪي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو هڪ جيالو مرتضيٰ وهاب ڪراچي جو ميئر بڻجي ويو، هو نوجوان ته آهي پر هڪ سياسي شخصيت جو فرزند آهي، جيڪا جيڪڏهن ڳالهائيندي هئي ته چڱا ڀلا سياسي مخالف چُپ ٿي ويندا هئا، محترمه فوزيه وهاب کي شهيد بينظير ڀٽو جي ويجهي ساٿي هجڻ جو شرف حاصل هو ۽ هوءَ مرڻ گهڙي تائين پ پ سان سلهاڙيل رهي. هن وقت سڄي ڪراچي جو نظام پ پ جي هٿ ۾ آهي پر ايم ڪيو ايم کي به يقين آهي ته 2018 جي چونڊن ۾ اسان سان ٿيندڙ زيادتي جو ازالو 2024 جي چونڊن ۾ ٿي ويندو ۽ اسان سڄي شهر مان 17 کان 20 قومي اسيمبلي سيٽون کٽڻ ۾ ڪامياب ٿي وينداسين، ان ڪري ئي ن ليگ اتحاد ڪيو ويو ته جيئن کين هاڻ کان ئي يقين ڏياريو وڃي ته جيڪڏهن اسان چونڊن ۾ ڪامياب ٿي وياسين ته اسان جي سپورٽ توهان سان گڏ رهندي ۽ حڪومت ٺاهڻ ۾ غير مشروط حمايت به ملي ويندي، وڏي ڳالهه چونڊن ۾ جنهن غيبي مدد جي ضرورت هوندي آهي اها ايم ڪيو ايم کي ن ليگ ذريعي حاصل ٿي ويندي پر سامهون به زرداري آهي، جنهن لاءِ چيو ويندو آهي ته هڪ زرداري سڀني تي ڀاري، سنڌ ۾ عام راءِ اها آهي ته آصف زرداري ڪا نه ڪا لائن سيٽ ڪري وٺندو ۽ هو ڪراچي مان به اڳ کان گهڻيون سيٽون وٺڻ ۾ ڪامياب ٿي ويندو، هڪ ٻي راءِ اها به آهي ته ايم ڪيو ايم کانپوءِ سنڌ ۾ پ پ کي ٽڪر ڏيندڙ مسلم ليگ (ف) مطلب پير پاڳارو آهي پر 2013 ۽ 2018 جي چونڊن ۾ انهن سان غيبي مدد ڪندڙن ٻه هٿ ڪري ورتا، تنهن ڪري اها به هاڻ ايڏو ڀروسو ڪرڻ لاءِ تيار ناهن ۽ انهن جي چاهيندي به اهي اڃا تائين سرگرم ناهن ٿيا، سياسي ميل ملاقاتون ته معمول جو حصو آهي پر اڃا تائين ڪنگري هائوس جي ٿڌي سياست پ پ کي وڌيڪ طاقت بخشي رهي آهي، تازو پ پ ۾ شامل ٿيندڙ سردار علي گوهر خان مهر، غوث بخش مهر ۽ سردار خير محمد کوکر ڪنگري هائوس جا ويجها سمجهيا ويندا هئا، ان مان اندازو لڳايو ته ڪنگري هائوس اڃا تائين پنهنجي ماڻهن جي اڏام کي روڪي ناهي سگهيو. ٻڌائيندڙن اهو به ٻڌايو ته علي گوهر خان مهر کي ڪنهن فون ڪري چيو ته توهان پ پ ۾ شموليت اختيار نه ڪيو پر هن جواب ڏنو هڪ ڀيرو نه ٽي ڀيرا دوکو کاڌو آهي هاڻ نه، اسان عوام ۾ رهندا آهيون ۽ عوام لاءِ اقتدار ۾ رهڻ ضروري آهي، ظاهري صورتحال مان لڳي ٿو ته سنڌ کي پ پ مان ڇوٽڪارو ڏياريندڙ 2024 ۾ به ناڪام نظر اچي رهيا آهن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.