ڪراچي (رپورٽ: جي ايم کوکر)ملڪي تاريخ ۾ 314 ارب رپين جو سڀ کان وڏو ٽيڪس فراڊ جو انڪشاف ٿيو آھي، ايف بي آر ريجنل ٽيڪس آفيس ون جي جاچ ۾ اهم اڳڀرائي ٿي آھي. ٽيڪس فراڊ ۾ ملوث 20 کان وڌيڪ ڪمپنين جي سيلز ٽيڪس رجسٽريشن معطل ڪئي وئي آهي. ان سلسلي ۾ ايف بي آر جي ذريعن موجب هن وقت تائين ٽيڪس فراڊ ۾ ملوث 20 ڪمپنين جو پتو لڳايو ويو آهي ايف بي آر ريجنل ٽيڪس آفيس ون ڪارروائي ڪندي ملوث ڪمپنين جي سيلز ٽيڪس جي رجسٽريشن معطل ڪري ڇڏي آهي. ذريعن جو چوڻ آهي ته ڪراچي سميت پنجاب جي مختلف شهرن ۾ جعلي سيلز ٽيڪس انوائسز وڪرو ڪندڙ نيٽ ورڪ سامهون اچي ويو آهي. ايف بي آر ذريعن موجب جوابدارن خلاف ايف آءِ آر داخل ڪرڻ بعد جاچ تيز ڪئي وئي آهي ٽيڪس فراڊ ۾ ملوث ڪمپنين 314 ارب رپين جو ٽيڪس فراڊ ڪري رقم واپس وٺڻ جي ڪوشش ڪئي، ايف بي آر ذريعن موجب ٽيڪس فراڊ ۾ ملوث ڪيترين ئي ڪمپنين ريفنڊز واپس ڪرڻ شروع ڪري ڇڏيا آهن. ايف بي آر موجب سڄي ملڪ ۾ ٽيڪس ڊيٽا حاصل ڪرڻ بعد جوابدارن تائين پهچي ويا آھيون. جڏهن ته هڪ ڪمپني جي آفيس مان ٽيڪس گوشوارا جمع ڪرايا ويا آهن. ايف بي آر ذريعن موجب وڌيڪ جاچ تيزيءَ سان جاري آهي.