پرويز الاهي جي جسماني ريمانڊ خلاف سپريم ڪورٽ ۾ درخواست

اسلام آباد (م ڊ) پنجاب جي اڳوڻي وڏي وزير چوڌري پرويز الاهي جسماني ريمانڊ جي خلاف سپريم ڪورٽ سان رابطو ڪري ورتو آهي.  چوڌري پرويز الاهي جسماني ريمانڊ ڏيندڙ سيشن جج ۽ لاهور هاءِ ڪورٽ جي فيصلي خلاف سپريم ڪورٽ ۾ اپيل داخل ڪري ڇڏي آهي. پنجاب جي اڳوڻي وڏي وزير طرفان داخل ڪيل درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو ويو آهي ته جڊيشل مئجسٽريٽ اينٽي ڪرپشن کاتي پنجاب طرفان داخل ڪيل ڪيس مان ڊسچارج ڪيو، مئجسٽريٽ جسماني ريمانڊ جي استدعا کي رد ڪيو. سيشن جج ۽ لاهور هاءِ ڪورٽ اپيل ۾ جسماني ريمانڊ جو فيصلو ڏنو. پي ٽي آءِ جي صدر درخواست ۾ استدعا ڪئي آهي ته جسماني ريمانڊ بنيادي حقن جي ابتڙ آهي. جسماني ريمانڊ سان جسماني، ذهني تشدد ۽ زندگي کي خطرو آهي. جنهن ڪري سپريم ڪورٽ جسماني ريمانڊ جو فيصلو ڪالعدم قرار ڏئي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.