لاهور(م ڊ) تعليم ۽ فني تربيت واري نگران وفاقي وزير مدد علي سنڌي چيو آهي ته تعليمي ادارن ۾ انفرااسثرڪچر جي بهتري ۽ جديد سهولتن جي فراهمي لاءِ سمورا وسيلا ڪتب آندا ويندا. پنجاب يونيورسٽي نيو ڪيمپس ۾ پبلڪ سيڪٽرز تعليمي ادارن جي وائيس چانسلرز سان هڪ اجلاس جي صدارت ڪندي هن چيو ته وزير جي حيثيت سان ان سلسلي ۾ هڪ جامع ۽ مستقل فريم ورڪ تيار ڪرڻ چاهيان ٿو، جنهن تي ايندڙ چونڊيل حڪومت عمل ڪري سگهي، معيشت جي بهتري لاءِ روايتي بدران فني تعليم کي هٿي ڏيڻي پوندي. هن چيو ته پرائمري اسڪولن جي حالت خراب آهي، اسان ٻارن کي ٺيڪ طريقي سان پرائمري تعليم نه پيا ڏئي سگهون، هن چيو ته اسڪولن ۾ بنيادي سهولتن جي کوٽ آهي، بدقسمتي سان 2 ڪروڙ ٻار اسڪولن کان ٻاهر آهن معيشت جي بهتري لاءِ رواتي تعليم سان گڏوگڏ فني تعليم کي پڻ هٿي ڏيڻي پوندي.