لاهور (عوامي آواز نيوز) القادر ٽرسٽ ڪيس ۾ ملڪ رياض بئريسٽر حسنين چوڌري ذريعي جواب داخل ڪرائي ڇڏيو آهي، نامياري صحافي سعيد چوڌري جو چوڻ آهي ته ملڪ رياض چيو آهي ته برطانيا مان آيل 190 پائونڊ حاصل ڪرڻ لاءِ مون ان وقت جي حڪومت يا وزيراعظم عمران خان کي ڪابه درخواست نه ڏني هئي ۽ نه ئي ڪابينا جو حصو هيس جو اها رقم منظوري وٺي حاصل ڪيان ها. ان بابت مون کي ڪابه ڄاڻ نه آهي، ملڪ رياض جو چوڻ آهي ته ان وقت جي وزيراعظم عمران خان مون کي چيو ته روحاني علم بابت القادر يونيورسٽي قائم ڪرڻ چاهيون ٿا. ان سلسلي ۾ مدد ڪيو، مون خير جو ڪم سمجهي يونيورسٽي تعمير ڪرائي ۽ هن وقت تائين ملازمن کي پگهارون به ڏئي رهيو آهيان صحافي سعيد چوڌري موجب بظاهر ته ملڪ رياض سمورو وزن عمران خان مٿان وجهي ڇڏيو آهي اڃا بيان جا وڌيڪ تفصيل پڌرا ٿيندا ته خبر پوندي ته ملڪ رياض وڌيڪ ڪهڙا تفصيل ڏنا آهن.