ڪراچي ۾ موبائيل فون نه ڏيڻ تان نوجوان گوليون هڻي قتل

ڪراچي ( رپورٽر ) ڪراچي ۾ ڦورن هڪ وڌيڪ نوجوان کان حياتي کسي ورتي، ڪراچي جي علائقي غني چورنگي ويجهو موٽرسائيڪل سوار  هٿياربندن موبائيل فون نه ڏيڻ تان چمن واسي نوجوان کي هڻي قتل ڪري ڇڏيو.پوليس جو چوڻ آهي ته هٿياربندن نوجوان کان موبائيل فون گهريو ۽ هن موبائل فون ڏيڻ کان انڪار ڪيو جنهن تي ڦورن فائرنگ ڪئي ۽ فرار ٿي ويا. پوليس موجب مقتول جي سڃاڻپ 18 ورهين جي حڪمت الله طور ٿي آهي، نوجوان روزگار لاءِ ڪراچي آيو هو. مقتول جي وارثن جو چوڻ آهي ته حڪمت الله بلوچستان جي ضلعي چمن جو رهواسي هو ۽ ڪراچي جي صدر واري علائقي ۾ ڪم ڪندو هو. مقتول جو لاش قانوني ڪارروائي بعد تدفين لاءِ چمن روانو ڪيو ويو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.