ناسا روشني جي رفتار کان وڌيڪ تيز سفر ڪرڻ جي ٽيڪنڪ ڳولي ورتي، آئن اسٽائن جي ٿيوري ماضي بڻجي وئي!

سائنسدان روز اول کان نيون نيون شيون ڳولڻ ۽ ايجاد ڪرڻ لاءِ تحقيقون ۽ تجربا ڪندا رهن ٿا، ڪائنات کي سمجهڻ لاءِ سائنسي اصولن کي سمجهڻ انتهائي ضروري آهي، جيئن جيئن سائنس ترقي ڪندي پئي وڃي تيئن تيئن زندگي ۾ مختلف سهولتن سان گڏ سفر ڪرڻ جون سهولتون به وڌنديون پيون وڃن جنهن جي ڪري سفر جي مُدي ۾ گهٽتائي ايندي پئي وڃي.

سائنس ۾ دلچسپي رکندڙ ماڻهن کي اها خبر ضرورو هوندي ته سائنسدان وڏي عرصي کان مادي کي روشني جي صورت ۾ آڻڻ لاءِ ڪوشان آهن جنهن جا مُک سبب هزارين سالن واري سفر کي گهٽائي ڪلاڪن ۽ منٽن ۾ طئي ڪرڻ آهن، جيڪڏهن ائين ٿي وڃي ٿو ته ڪائنات جو چڪر هڻڻ لاءِ هڪ ڏينهن ئي وڏو هوندو ۽ هڪ ستاري کان ٻئي ستاري تائين پهچڻ لاءِ رڳو سيڪنڊن جي ئي ضرورت پوندي.

اها به سڀ ڪنهن کي خبر هوندي ته آنسٽائين جي ڏنل ٿيوري، ٿيوري آف رليٽوٽي موجب ڪائنات ۾ موجود ڪا به شيءِ جنهن جي پنهنجي شڪل صورت هجي، اها روشني جي رفتار کان وڌي تيز نٿي ٿي سگهي، جنهن جو مطلب اهو ٿيو ته جيڪڏهن اسان تيز کان تيز رفتار ۾ به سفر ڪرڻ آهي ته ان جو واحد حل روشني جي صورت اختيار ڪرڻ ئي آهي، جڏهن ته انکانسواءِ ٻئي ڪنهن به طريقي يا اصول جي بنياد تي سڀ کان وڌيڪ يا روشني جيتري رفتار سان سفر نٿو ڪري سگهجي.

پر ناسا جي هڪ سائنسدان ڊاڪٽر هيرولڊ ۽ سندس ٽيم هڪ نئين ٽيڪنڪ دريافت ڪري ورتي آهي جنهن تحت روشني جي رفتار کان وڌيڪ تيز سفر ڪري سگهجي ٿو

اهو ڪيئن ممڪن آهي ڏسو هن وڊيو ۾

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.