اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) وفاقي ڪابينا بجلي ڪمپنين جي آفيسرن لاءِ مفت بجلي ختم ڪري رقم ڏيڻ واري اسڪيم جي منظوري ڏئي ڇڏي.
ذريعن موجب، ڪابينا انڊسٽريل سيڪٽر کي سياري جي چئن مهينن لاءِ بجلي جو رعايتي ٽيرف ڏيڻ ڏيڻ جي تجويز رد ڪري ڇڏي.
ذريعن جو چوڻ آهي ته اِها سمري منظوري لاءِ اربع تي وفاقي ڪابينا جي اجلاس ۾ پيش ڪئي وئي جيڪو نگران وزيراعظم انوار الحق ڪاڪڙ جي صدارت هيٺ ٿيو.
موناٽائزيشن پاليسي موجب، بجلي جي ورڇ ڪندڙ ڪمپنيون ۽ پيداواري ڪمپينن جي گريد 17 ۽ ان کان مٿي وارن آفيسرن کي مفت يونٽس بدران رقم ڏيڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي.
اسڪيم جي منظور کان اڳ ڪابينا جي توانائي ڪميٽي ڏني هئي جنهن کي وفاقي ڪابينا مننظور ڪيو آهي ۽ اسڪيم فوري طور لاڳو هوندي.