ٽي ٽوئنٽي ٽيم جي قيادت ملڻ بعد شاهين آفريدي جو پهريون بيان سامهون اچي ويو

لاهور ( ويب ڊيسڪ ) پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جي ڪپتان شاهين آفريدي قيادت ملڻ کانپوءِ پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ ۽ مداحن جا ٿورا مڃيا آهن.
سماجي رابطن جي ويب سائيٽ ايڪس تي جاري ڪيل بيان ۾ شاهين آفريديءَ لکيو ته ٽي ٽوئنٽي ٽيم جي قيادت منهنجي لاءِ فخر جو سبب آهي، تمام گهڻو پرجوش آهيان ۽ پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ ۽ مداحن جي اعتماد ۽ حمايت تي ٿورائتو آهيان.


هن چيو ته ٽيم اسپرٽ کي برقرار رکڻ ۽ قوم جو نالو روشن ڪرڻ جي پوري ڪوشش ڪندس، اسان جي ڪاميابي اتحاد، اعتماد ۽ اڻٿڪ محنت ۾ آهي.
شاهين پنهنجي ٽوئيٽ ۾ وڌيڪ لکيو ته اسان صرف هڪ ٽيم نه پر هڪ خاندان جيان آهيون، اسان سڀ گڏجي اڳتي وڌنداسين.
ياد رهي ته گذريل ڏينهن پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ شان مسعود کي ٽيسٽ ٽيم جو ڪپتان ۽ شاهين آفريدي کي ٽي ٽوئنٽي ٽيم جو ڪپتان مقرر ڪيو ويو هو.
و هو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.