ڪنهن کي ٻيو يا چوٿون ڀيرو وزيراعظم بڻائڻ کان سٺو آهي ته عوام مون کي موقعو ڏي: بلاول

ايبٽ آباد( ويب ڊيسڪ ) پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته ٻيون پارٽيون پراڻي سياست ۾ لڳل آهن، هڪ نظريو ۽ منشور هجن گهرجي جيڪو پيپلز پارٽي وٽ آهي، اسان کي پراڻي سياست ۽ پراڻن سياستدانن کي گهر ويهارڻو پوندو.
ايبٽ آباد ۾ ورڪرز ڪنوشن کي خطاب ڪندي پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته ڪنهن کي ٻيو يا چوٿون وزيراعظم بڻائڻ بدران ان کي وزيراعظم بڻايو جنهن کي موقعو نه مليو آهي، ملڪ کي نئين سياست ۽ نئين قيادت جي ضرورت آهي.


هن چيو ته عوام نفرت ۽ ورهاڱي واري سياست کي رد ڪري ڇڏيو آهي، مهانگائي ۽ بيروزگاري سبب عوام پاڻ کي اڄ لاوارث سمجهي رهيو آهي، پيپلزپارٽي عوام جي وارثي ڪندي.
پنهنجي خطاب دوران بلاول چيو ته پيپلزپارٽي وٽ غربت جي خاتمي جو وسيع پلان آهي، اسان اهڙا منصوبا آڻينداسين جنهن سان هر طبقي کي فائدو پهچندو.
هن چيو ته خيبر پختونخواهه جو عوام اسان کي ووٽ ڏئي، صوبي جا سمورا مسئلا حل ڪري ڏيکارينداسين،


سندس چوڻ هو ته موقعو مليو ته ايندڙ پنج سالن دوران پگهارون ٻيڻيون ڪنداسين، پ پ عوام جي خدمت ڪئي آهي، عوام کي سڀ کان وڌيڪ روزگار اسان جي دور ۾ مليو.
هن چيو ته چيو ته پ پ وٽ پلان آهي ته عوام کي ڪيئن رليف ڏياري سگهون ٿا، اسان کي بينظير انڪم سپورٽ پروگرام ۾ اضافو ڪرڻو پوندو، اسان اهڙا منصوبا آڻينداسين جنهن تحت هر طبقي کي فائدو ٿئي.


پ پ چيئرمين وڌيڪ چيو ته هارين کي رليف لاءِ ڪسان ڪارڊ متعارف ڪرايو ويندو، جيستائين عوام جي ووٽ کي عزت نه ڏني ويندي پاڪستان ترقي نه ٿو ڪري سگهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.