واٽس ايپ چينلز کي دنيا ۾ ڪيترا ماڻهو استعمال ڪن ٿا؟

واٽس ايپ چينلز نالي فيچر جون 2023ع ۾ متعارف ڪرايو هو جيڪو شروعات ۾ ڪجهه ملڪن تائين محدود رکيو ويو هو پر سيپٽمبر ۾ ان کي پاڪستان سميت سڄي دنيا ۾ واهپيدارن لاءِ پيش ڪيو ويو.
واهپيدار پنهنجي پسند جي شخصيتن، اسپورٽس ۽ ٻين موضوعن جي اپ ڊيٽس کي چينلز ذريعي ڄاڻي سگھو ٿا.
چينلز ذريعي ٽيڪسٽ، فوٽو، وڊيو، اسٽيڪر ۽ پول وغيرا کي وڏي پيماني تي ماڻهن سان شيئر ڪيو ويندو آهي.
ميٽا جي چيف ايگزيڪٽو مارڪ زڪربرگ موجب رڳو 7 هفتن ۾ واٽس ايپ چينلز استعمال ڪندڙن جو انگ 50 ڪروڙ کان وڌيڪ ويو آهي.
هن اهو اعلان ان وقت ڪيو جڏهن چينلز لاءِ هڪ نئون فيچر اسٽيڪرز جي شڪل ۾ متعارف ڪرايو ويو.
اسٽيڪرز جو فيچر چينلز هلائيندڙ ايڊمن ئي استعمال ڪري سگھن ٿا ته جيئن چينل وڌيڪ بهتر نظر اچي.
واضح رهي ته اوهان به پنهنجو واٽس ايپ چينل تيار ڪري سگھو ٿا.
ان مقصد لاءِ فون ۾ واٽس ايپ اوپن ڪريو ۽ اپ ڊيٽس ٽيب تي ڪلڪ ڪريو.
اتي هيٺ چينلز سيڪشن ۾ پلس آئڪون تي ڪلڪ ڪندا ته اتي Create Channel جو آپشن نظر ايندو.
ان آپشن تي ڪلڪ ڪرڻ تي اوهان جي آڏو چينلز فيچر بابت هدايتون ۽ اصول اچي ويندا جن کي پڙهي Continue تي ڪلڪ ڪريو.
ان کان پوءِ چينل آئڪون جي چونڊ ڪريو جڏهن ته ان جي نالي ۽ ڊسڪرپشن کي به لکو.
جڏهن اهو عمل مڪمل ٿي وڃي ته Create Channel تي ڪلڪ ڪريو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.