ڪراچي ( ويب ڊيسڪ ) انٽربئنڪ ۾ پاڪستاني رُپئي جي ڀيٽ ۾ آمريڪي ڊالر جي اُڏام کي اڄ بريڪ لڳي وئي.
انٽربئنڪ ۾ اڄ ڪاروبار دوران ڊالر جي اگهه ۾ ٻه رُپيا 14 پئسا سستو ٿيو، بعد ۾ ڪاروبار جي پڄاڻي تي انٽربئنڪ ۾ ڊالر جو اگهه 76 پئسا گهٽجي 287.38 رُپين جو ٿي ويو آهي.
Interbank closing #ExchangeRate for todayhttps://t.co/aPIx679tAQ#SBPExchangeRate pic.twitter.com/JQ1irnA5Vx
— SBP (@StateBank_Pak) November 16, 2023
اوپن مارڪيٽ ۾ به اڄ ڊالرجي مُلهه ۾ لاٿ رڪارڊ ڪئي وئي آهي، هڪ ڊالر پنجاهه پئسا سستو ٿي 289 رُپين جو ٿي ويو.