صدر جا فوج ۽ عمران خان جي لاڳاپن بابت ڇرڪائيندڙ انڪشاف

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) صدر ڊاڪٽر عارف علوي انڪشاف ڪندي چيو آهي ته فوج ۽ پي ٽي آءِ چيئرمين وچ ۾ ٺاهه ۾ ناڪامي جا ڪيئي ڪارڻ هئا جڏهن ته پي ٽي آءِ چيئرمين جي اليڪشن ۾ شموليت وارو فيصلو عدالت ۾ آهي.
پرڏيهي خابرو اداري کي انٽرويوءَ ۾ صدر چيو ته عدليا، انتظاميا ۽ سياسي اڳوان چونڊون وقت سر ڪرائڻ تي متفق آهن، چونڊن جي تاريخ تي ڪا به ڪوتاهي ناهي ڪئي، اتفاق راءِ سان اليڪشن جي تاريخ تي سپريم ڪورٽ کي ساراهيان ٿو.
عارف علوي چيو ته نواز شريف وزيراعظم چونڊيو ويو حلف جون گهرجون پوريون ڪندس، سياستدان انتظاميا ۽ اسٽيمبلشمينٽ گڏجي ڪم ڪندا ته مسئلا حل ٿي سگهن ٿا جڏهن ته ليول پليئنگ فيلڊ مهيا ڪرڻ اليڪشن ڪميشن ۽ حڪومت جي ذميواري آهي، پي ٽي آءِ جي خدشن ڏانهن خط لکي حڪومت جو ڌيان ڇڪايو، حڪومت ليول پليئنگ فيلڊ ڌيڻ جي خاطري ڪرائي آهي.
صدر چيو ته اليڪشن شفاف بڻائڻ لاءِ آئين صدر کي عملي قدم جي اجازت نه ٿو ڏئي، معاملن تي حڪومت جو ڌيان ڇڪائڻ کانسواءِ ٻيو رستو ناهي ڇو ته صدر وٽ انتظامي اختيار ناهن، پر صدر طرفان اُٿاريل نڪتا تمام گهڻي اهميت رکن ٿا، اميدون پنهنجي جاءِ تي پر ڪو اهڙو قدم نه ٿو کڻي سگهان جنهن جي آئين ۾ اجازت نه آهي.
هن چيو ته فوج ۽ پي ٽي آءِ چيئرمين وچ ۾ ٺاهه ۾ ناڪاميءَ جا ڪيئي ڪارڻ هئا جڏهن ته پي ٽي آءِ چيئرمين جي اليڪشن ۾ شموليت جو فيصلو عدالت ۾ آهي.
عارف علوي چيو ته ڪنهن جماعت جو نه هر پاڪستاني جو ترجمان آهيان جڏهن ته نوَ مئي جي مذمت ڪري چڪو آهيان ۽ تشدد واري سياست تي يقين نه ٿو رکان پر حڪومتن کي به گهرجي ته اهڙيون حالتون پيدا نه ڪن جو احتجاج تشدد ۾ تبديل ٿي وڃي.
صدر چيو ته عام شهرين جي فوجي عدالتن ۾ ڪيسن وارو معاملو عدالت ۾ آهي، نوَ مئي ڪيس جي فوجي عدالتن ۾ ٻڌڻي تي وقت کان اڳ راءِ نه ٿو ڏئي سگهان.
پناهگيرن بابت عارف علوي چيو ته دنيا پناهگيرن جو ٻوجهه گهٽائڻ ۾ پاڪستان جي مدد ناهي ڪئي، غيرقانوني پناهگيرن جي واپسي جو فيصلو مناسب قدم آهي، معيشت هاڻ پناهگيرن جو بار وڌيڪ کڻڻ جي سگهه نٿي رکي، ايپڪس ڪميٽي غيرقانوني افغانين جي واپسي واري فيصلي تي نظرثاني ڪري سگهي ٿي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.