پاڪستان ۾ غيرقانوني طور رهندڙ ماڻهو دهشتگردن سان رابطي ۾ آهن: پرڏيهي کاتو

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) پرڏيهي کاتي جي ترجمان ممتاز زهرا بلوچ چيو آهي ته انٽيليجنس ڄاڻ موجب دهشتگرد پاڪستان ۾ غيرقانوني طور ترسيل ماڻهن سان رابطي ۾ آهن.

ترجمان ممتاز زهرا بلوچ هفتيوار ميڊيا بريفنگ ۾ ٻڌايو ته اسان انٽيليجنس معلومات جي بنياد تي افغانستان جي عبوري حڪومت کي دهشتگردن جي ٺڪاڻن خلاف ڪارروائي جو چيو آهي.

هن چيو ته اسان پاپندي مڙهيل تنظيم ٽي ٽي پي خلاف جوڳي ڪارروائي چاهيون ٿا، اسان چاهيون ٿا ته پاڪستان جي سيڪيورٽي لاءِ خطرا پيدا ڪندڙ اِهو گروپ ختم ڪيو وڃي.

ڪشمير مسئلي بابت گفتگو ڪندي ممتاز زهرا بلوچ چيو ته ڀارت والاريل ڪشمير ۾ زمينن تي قبضي ۾ رڌل آهي، ڀارت پلواما ۾ انساني حقن جي محافظن جي زمين قبضي ۾ ورتي، پاڪستان ڪشمير مسئلي جي حل لاءِ ڪشميرين جي حمايت جاري رکندو.

ويجهڙ ۾ فلسطين ۽ اسرائيل جنگ تي ٿيل او آءِ سي جي سربراهي اجلاس جي حوالي سان پرڏيهي کاتي جي ترجمان ٻڌايو ته نگران وزيراعظم انوار الحق ڪاڪڙ او آءِ سي ۽ عرب ليگ جي گڏيل اجلاس ۾ شرڪت ڪئي، ۽ غزا ۾ جاري اسرائيلي جارحيت جي مذمت ڪندي فوري جنگبندي جو مطالبو ڪيو.

يوڪرائن کي هٿيارن ڏيڻ بابت سوال تي ترجمان هڪ ڀيرو وري واضح ڪيو ته پاڪستان يوڪرائن يا روس کي هٿيار وڪرو ناهن ڪيا، اسان جيڪي هٿيار ڪنهن کي وڪرو ڪندا آهيو ان جو اينڊ يوزر سرٽيفڪيٽ هوندو آهي، اسان ان پوزيشن ۾ به نه آهيون جو ٻڌائي سگهون ته هن تڪرار ۾ ڪهڙي ڌر ڪهڙا هٿيار استعمال ڪري رهي آهي.

هن وڌيڪ چيو ته پاڪستان ۽ روس وچ ۾ دهشتگردي جي روڪٿام لاءِ اجلاس اجلاس جاري آهي، پاڪستان طرفان ايڊيشنل سيڪريٽري حيدرشاهه وفد جي قيادت ڪري رهيو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.