ڪيترن ئي ماڻهن کي ڪجهه عام پر عجيب عجيب عادتون هونديون آهن، جيڪي نقصانڪار ته ناهن هونديون پر حقيقت ۾ اهي عادتون نه پر بيماريون هونديون آهن.
بيماري جو رڳو اهو مقصد به ناهي هوندو ته ڪنهن عضوي جو ناڪارا ٿي وڃڻ يا وري ڪا تڪليف واري ڪيفيت، پر اهڙيون ڪيتريون ئي بيماريون آهن جن ۾ ڪا تڪليف ناهي هوندي پر اهي جسم يا دماغ جي نارمل طور ڪم نه ڪرڻ جي ڪري ظاهر ٿينديون آهن. مطلب ته جڏهن توهان جو جسم يا دماغ معمول موجب، عام انداز ۽ قدرتي طريقيڪار سان ڪم ناهي ڪندو ۽ ان ۾ ڪا غير نقصانڪار پر الڳ تبديلي ٿي ويندي آهي ته اهو اهڙين بيمارين جو سبب بڻجي ٿو جيڪي مختلف عادتن جي صورت ۾ ظاهر ٿينديون آهن.