تيز ترين انٽرنيٽ اچي وئي، 1 سيڪنڊ ۾ 150 فلمون ڊائون لوڊ ڪرڻ ممڪن

انٽرنيٽ موجودا دور جي ڪجهه اهم ترين ايجاندن مان هڪ آهي ۽ روزمرهه جي زندگي جو اهم جز بڻجي چڪي آهي.
سوشل ميڊيا جو استعمال هجي، اسٽريمنگ سروس ڏسڻ يا بلن جي آن لائين ادائگي، هڪ سٺي انٽرنيٽ ڪنيڪشن جي خواهش هوندي آهي.
پر دنيا ۾ سڀ کان تيز انٽرنيٽ سروس ڪهڙي ملڪ دستياب آهي؟
يقين ڪرڻ ڏکيو هوندو ته اها آمريڪا يا ڪنهن اولهه ملڪ نه پر پاڙيسري ملڪ چين ۾ آهي.
چين پنهنجي ملڪ ۾ دنيا جي تيز ترين انٽرنيٽ سروس متعارف ڪرائڻ جي دعويٰ ڪئي آهي ته گھڻن ملڪن جي ڀيٽ ۾ 10 ڀيرو وڌيڪ تيز رفتار آهي.
نئين نسل جي اها انٽرنيٽ سروس هر سيڪنڊ م 1.2 ٽيرا بٽ (ٽي بي) يا 1200 گيگا بٽ (جي بي) ڊيٽا ٽرانسميٽ ڪرڻ جي صلاحيت رکي ٿي.
ان انٽرنيٽ سروس لاءِ 3 هزار ڪلوميٽر کان وڌيڪ ايراضي تي آپٽيڪل فائبر ڪيبل کي وڇايو ويو آهي ۽ ان کي 13 نومبر تي متعارف ڪرايو ويو.
ان کان اڳ خيال ڪيو پئي ويو ته ايتري تيز رفتار انٽرنيٽ سروس 2025ع کان اڳ دنيا ۾ ڪٿي به متعارف نه ٿي سگھندي.
دنيا جي گھڻن حصن ۾ اڃا 100 جي بي في سيڪنڊ ڊيٽا ٽرانسميشن کي ممڪن بڻائي سگھجي ٿو جڏهن ته آمريڪا ۾ ڪجهه هنڌن تي ففٿ جنريشن انٽرنيٽ جي رفتار 400 جي بي في سيڪنڊ آهي.
پر چين جي نئين سروس ايتري تيز آهي جو في سيڪنڊ 150 ايڇ ڊي فلمون ڊائون لوڊ ڪرڻ ممڪن آهي جيڪا آمريڪي سروس کان 3 ڀيرا وڌيڪ تيز آهي.
چين جي فيوچر انٽرنيٽ ٽيڪنالوجي انفرا اسٽرڪچر (ايف آءِ ٽي آءِ) نالي منصوبي تحت اها تيز ترين انٽرنيٽ سروس متعارف ڪرائي وئي آهي، جنهن کي بيڪ بون نيٽورڪ قرار ڏنو ويو آهي.
آيف آءِ ٽي آءِ تي 10 سالن کان ڪم ڪيو پيو وڃي.
ان منصوبي جي سربراهه Wu Jianping ٻڌايو ته اها تيز ترين انٽرنيٽ سروس نه رڳو ڪامياب ثابت ٿي آهي پر ان سان چين کي وڌيڪ تيز انٽرنيٽ سروس تيار ڪرڻ لاءِ جديد ترين ٽيڪنالوجي ملي وئي آهي.
بيڪ بون نيٽورڪس اليڪٽرڪ گاڏين ۽ انهن شعبن لاءِ به اهم آهن جن ۾ صنعتي 5 جي ٽيڪنالوجي کي استعمال ڪيو پيو وڃي.
اختيارين موجب ان سسٽم جي سافٽ ويئر ۽ هارڊ ويئر کي مقامي طور تي تيار ڪيو ويو آهي جنهن مان اميد پيدا ٿي آهي ته جلد انٽرنيٽ ٽيڪنالوجي تي پرزن لاءِ آمريڪا ۽ جاپان تي ڀاڙڻ جي ضرورت نه رهندي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.