ڪوهلي، ٽنڊولڪر جو ون ڊي ڪرڪيٽ ۾ سڀ کان وڌيڪ سينچرين جو رڪارڊ ٽوڙي ڇڏيو

ممبئي ( ويب ڊيسڪ ) ڀارتي ڪرڪيٽ ٽيم جي اڳوڻي ڪپتان ويرات ڪوهلي ليجنڊري سچن ٽنڊولڪر جو ون ڊي ڪرڪيٽ ۾ سڀ کان وڌيڪ 49 سينچرين جو رڪارڊ ٽوڙي ڇڏيو.

ويرات ڪوهلي ممبئيءَ جي وانکيڙي اسٽيڊيم ۾ آءِ سي سي ون ڊي ورلڊ ڪپ جي پهرين سيمي فائنل ۾ ڪيويز خلاف شاندار سينچري اسڪور ڪري ٽنڊولڪر جو رڪارڊ ٽوڙيو.

ڪوهلي جي ون ڊي سينچرين جو انگ 50 ٿي ويو آهي، هن اِهو ڪارنامو 291 هين ون ڊي انٽرنيشنل ۾ انجام ڏنو.

ويرات ڪوهلي ون ڊي ڪيريئر ۾ پنجاهه سينچريون ۽ 71 ففٽيون اسڪور ڪري چڪو آهي.

ان کان اڳ سچن ٽنڊولڪر 463 ون ڊي ميچن ۾ 49 سينچريون اسڪور ڪيون هيون.

ٽنڊولڪر ون ڊي ۾ سڀ کان وڌيڪ 18 هزار چار چويهه رنسون ٺاهيون، جنهن ۾ 49 سينچريون ۽ 96 اڌ سينچريون شامل هيون.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.