ٽڪ ٽاڪر حريم شاهه وڏي دعويٰ ڪري ڇڏي

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) پاڪستان جي مشهور ٽڪ ٽاڪر حريم شاهه دعويٰ ڪئي آهي ته کيس مشهور ترين ڀارتي ريئلٽي شو بگ باس جي سيزن 17 جي آڇ ٿي آهي.
حريم شاهه سماجي رابطن جي ويب سائيٽ ايڪس تي پنهنجي تصوير پوسٽ ڪئي ۽ ڪيپشن ۾ ٻڌايو ته کيس ڀارت جي ريئلٽي شو ۾ شرڪت جي آڇ ڪئي وئي آهي.
حريم شاهه پنهنجي ٽوئيٽ ۾ چيو ته مون کي بگ باس جي سيزن 17 لاءِ گھرايو ويو آهي، هن واهپيدارن کان راءِ گھري ته ”آئون ان آڇ کي قبول ڪري بگ باس ۾ وڃا يا نه“؟
حريم شاهه جي ٽوئيٽ تي ڪيترن ئي واهپيدارن تبصرا ڪيا، ڪجهه کيس ڀارتي چينل جي ان آڇ کي قبول ڪرڻ جو مشورو ڏيندي چيو ته وڃ ۽ پاڪستان جو نالو روشن ڪر جڏهن ته ڪجهه واهپيدارن کيس آڇ ٿڏڻ جو چيو.
واضح رهي ته سلمان خان جي شو بگ باس جي 17 هين سيزن جي شروعات گذريل مهيني ۾ ٿي هئي.
بگ باس 17 جون هيل تائين 31 قسطون نشر ٿي چڪيون آهن، ان سيزن ۾ منور فاروقي، انڪيتا لوکنڊي ۽ سندس مڙس وڪاس جين (وڪي)، ايشا مالويا، اڀيشيڪ ڪمار، جگنا ووهرا ۽ منارا چوپڙا مشهور اميدوار آهن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.