واٽس ايپ واهپيدارن لاءِ بري خبر اچي وئي

واٽس ايپ پاڪستان سميت سڄي دنيا ۾ مشهور ترين ميسيجنگ ايپ آهي ۽ ان کي اينڊرائڊ واهپيدار پنهنجي ڊيٽا بيڪ اپ لاءِ گوگل ڊرائيو تي ڀاڙيندا آهن.
هن وقت واٽس ايپ بيڪ اپ ڊيٽا لاءِ گوگل ڊرائيو اسٽوريج جي ڪا به حد ناهي پر هاڻي واهپيدارن وڏي ڌچڪي لاءِ تيار ٿي وڃن.
جي ها واقعي واٽس ايپ جي اينڊرائڊ واهپيدارن لاءِ وڏي سهولت ختم ڪئي ٿيڻ واري آهي.
رپورٽ موجب جلد واٽس ايپ جي اينڊرائڊ واهپيدارن جو بيڪ اپ ڊيٽا گوگل ڊرائيو اسٽوريج جي 15 جي بي حد يا لمٽ جو حصو بڻجي ويندو.
واضح رهي ته اڃا گوگل ڊرائيو ۾ واٽس ايپ چيٽ هسٽري کي اسٽوريج جي حد جو حصو ناهي سمجهيو ويندو.
گوگل اڪائونٽس سان گڏ 15 جي بي مفت ڪلائوڊ اسٽوريج ملندي آهي جيڪا جي ميل، ڊرائيو ۽ فوٽوز وغيرا لاءِ استعمال ٿيندي آهي.
رپورٽ موجب ڊسمبر کان واٽس ايپ بيٽا واهپيدارن جو واٽس ايپ ڊيٽا گوگل اسٽوريج ۾ جاءِ والارڻ لڳندو.
عام واهپيدارن کي ان تبديلي کي 2024ع ۾ ڪنهن به وقت منهن ڏئي سگھندا.
واٽس ايپ ڊيٽا جو بيڪ اپ ان وقت مددگار ثابت ٿيندو آهي جڏهن اوهان پنهنجو فون تبديل ڪندا آهن ۽ گوگل ڊرائيو ذريعي ان تائين پهچ سولي هوندي آهي.
جڏهن واٽس ايپ ڊيٽا لاءِ گوگل جي مفت اسٽوريج جي گنجائش ختم ٿيندي ته پوءِ واهپيدارن کي گوگل ون جي سبسڪرپشن پلان کي چونڊڻ جي هدايت ڪئي ويندي.
گوگل طرفان به رپورٽ جي تصديق ڪندي ٻڌايو ويو ته اهو ان تي لاڳو ٿيندو جيڪي مفت اسٽوريج وارا اڪائونٽس استعمال ڪري رهيا آهن.
ڪمپني موجب ورڪ اسپيس سبسڪرپشن رکندڙ اڪائونٽس ان تبديلي مان متاثر نه ٿيندا.
گوگل اهڙي تبديلي پنهنجي مشهور ايپ فوٽوز لاءِ به ڪري چڪو آهي جنهن ۾ پهريان واهپيدارن کي مفت لامحدود اسٽوريج دستياب هئي، پر پوءِ ان کي 15 جي بي اسٽوريج تائين محدود ڪيو ويو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.