ويرات ڪوهليءَ جون پنجاهه سينچريون، سچن جو ردعمل اچي ويو

ممبئي ( ويب ڊيسڪ ) ڀارتي ڪرڪيٽ ٽيم جي اڳوڻي ڪپتان سچن ٽنڊولڪر ويرات ڪوهلي طرفان سندس سڀ کان وڌيڪ سينچرين جو رڪارڊ ٽوڙڻ تي ردعمل جو اظهار ڪيو آهي.

ليجنڊري سچن ٽنڊولڪر ويرات ڪوهليءِ کي 50 سينچريون اسڪور ڪرڻ ۽ سندس رڪارڊ ٽوڙڻ تي واڌايون ڏنيون آهن.

سماجي رابطن جي ويب سائيٽ ايڪس تي جاري ڪيل بيان ۾ سچن ٽنڊولڪر لکيو ته پهريون ڀيرو جڏهن اوهان سان ڀارتي ڊريسنگ روم ۾ مليو هئس، تڏهن ساٿي ڪرڪيٽرن منهنجا پير ڇُهڻ تي اوهان کي ڇيڙڻ لڳا هئا.

سچن ٽنڊولڪر، ڪوهلي پاران تاريخي ڪارنامو انجام ڏيڻ تي خوشي جو اظهار ڪندي لکيو ته اوهان جي شوق ۽ مهارت منهنجي دل ڇهي ورتي اڄ اِهو نوجوان ڇوڪرو وڏو ٿي ويرات ڪوهلي بڻجي ويو آهي.

سچن ٽنڊولڪر وڌيڪ چيو ته مان خوش آهيان جو هڪ ڀارتيءَ منهنجو رڪارڊ ٽوڙيو آهي، اِهو سڀ کان وڏي اسٽيج تي، ورلڊ ڪپ جي سيمي فائنل ۾ ۽ منهنجي هوم گرائوند تي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.