اسرائيل دهشتگرد رياست آهي، انجام جو وقت اچي پهتو: ترڪ صدر

انقرا (ويب ڊيسڪ) ترڪ صدر رجب طيب اردگان چيو آهي ته اسرائيل دهشتگرد رياست آهي، نيتن ياهو جيترا ايٽم بم ٺاهي وٺي انجام جو وقت اچي پهتو آهي.
انقرا ۾ جسٽس اينڊ ڊويلپمينٽ پارٽي جي اجلاس کي خطاب ڪندي ترڪ صدر جو چوڻ هو ته اسرائيل کي هٿيار، انٽيليجنسي رپورٽ ڏيندڙ به ان ڏوهه ۾ برابر جا شريڪ آهن، روز سوين ٻارڙا بمن سان مرن ٿا، يورپي يونين کان آمريڪا تائين سڀ خاموش ڇو آهن.
هن چيو ته چارلي هيبڊو واقعي م 23 مارجي ويا ته سڄي دنيا ماڻهو پيرس مارچ ۾ شريڪ ٿيا، هاڻ غزا ۾ تقريبن 13 هزار ماڻهو مري چڪا آهن، ڪٿي آهن ملڪن جا سربراهه ۽ وزيراعظم؟
رجب طيب اردگان اسرائيلي وزيراعطم کي مخاطب ڪدي چيو ته نيتن ياهو تو وٽ ايٽم بم آهن يا نه؟ ايترو طاقتور آهين ته اعلان ڪر، جيترا ايٽم بم ٺاهي وٺ تنهنجي انجام جو وقت اچي پهتو آهي.
ترڪ صدر چيو ته اولهه ملڪ سالن کان اسان جي ئي زمين آرمينيا ۾ شامل ڪرڻ جو خواب ڏسندو رهيو، اسان کين ڪاراباخ ۾ اهڙو سبق سيکاريو آهي جنهن تي اهي سڀ خاموش ٿي ويا، هاڻ اسرائيل به اهڙي ئي فريب ۾ مبتلا آهي ۽ مايوسي سندس مقدار آهي.
اردگان وڌيڪ چيو ته اوهان حماس کي دهشتگرد قرار ڏيندا آهيو پر حماس سياسي جماعت آهي، حماس فلسطين ۾ چونڊن ۾ ڪامياب ٿي اقتدار ۾ آئي آهي، اليڪشن کٽڻ کان پوءِ اوهان حماس کان حق کسي ورتا.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.