بابر اعظم کي ٽيسٽ ٽيم جو ڪپتان برقرار رکڻ جو فيصلو

لاهور ( ويب ڊيسڪ ) بابر اعظم کي آسٽريليا جي دوري تائين ٽيسٽ ٽيم جو ڪپتان برقرار رکڻ جو فيصلو ڪيو ويو اهي.

ذريعن موجب، پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ ( پي سي بي ) مئنيجمينٽ ڪميٽيءَ جي چيئرمين ذڪاءَ اشرف جي بابر اعظم سان لاهور ۾ ملاقات ٿي.

ملاقات ۾ پي سي بي چيئرمين ڪوچز جي ڪارڪردگي تي بي اعتمادي جو اظهار ڪيو.

ذريعن موجب، بابر اعظم کي ٽيسٽ ٽيم جو ڪپتان برقرار رکڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي، پر وائٽ بال ڪرڪيٽ ۾ ڪپتان ڪير هوندو ان جو فيصلو اڃا ناهي ٿيو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.