سيف علي خان سان 5 سال لاڳاپن ۾ رهيس، ڪرينا ڪپور جا انڪشاف

ممبئي (ويب ڊيسڪ) بالي ووڊ جي اسٽائلس ۽ سپر اسٽار اداڪارا ڪرينا ڪپور پنهنجي مڙس ۽ بالي ووڊ جي ننڍي نواب سيف علي خان سان شادي ڪرڻ جو سبب ٻڌائي ڇڏيو.
ڪرينا ڪپور تازو ئي هڪ فيشن ميگزين کي انٽرويو ڏيندي چيو ته هن پنهنجي ذاتي زندگي جي ڪجهه اهم رخن تي روشني وڌي، بيبو چورائيندڙ اداڪارا ان ميگزين لاءِ فوٽوشوٽ به ڪرايو.
انٽرويو ۾ ڪرينا ڪپور انڪشاف ڪيو ته منهنجي ۽ سيف عليجي شادي ڪرڻ جو اڪيلو سبب اهو هو ته اسان ٻار چاهيون پيا.
ڪرينا ڪپور ٻڌايو ته آئون ۽ سيف شادي کان اڳ لِو ان رليشن شپ ۾ هئاسين، يعني گڏ رهندا هئا، جڏهن اسان ٻيو قدم کڻڻ جو سوچيو جيڪو شادي هو ته ان جو سبب اهو هو ته اسان ٻارن جا خواهشمند هئاسين نه ته اسان ائين به رهي سگھون پيا.
اداڪارا جو چوڻ هو ته آئون چاهيو پئي ته پنهنجي زندگي پنهنجن ٻارن جي آڏو گذاريان، پنهنجو هر ڪم انهن سان گڏ ڪرڻ چاهيان ٿي.
ڪرينا اهو به چيو ته هاڻي آئون پنهنجي خانداني زندگي ۾ سڪون چاهيان ٿي ۽ ٻين سان ملاقات وغيرا جو هاڻي ڪو به شوق ناهي، منهنجي زندگي مڙس ۽ ٻارن جي چوڌاري گھمي ٿي ۽ انهن سان ئي گھڻي خوش به آهيان.
ڪرينا ڪپور اها دعويٰ به ڪئي ته جيتوڻيڪ هوءَ 43 ورهين جي ٿي چڪي آهي ۽ هوءَ 2 ٻارن جي ماءُ آهي پر ان جي باوجود هوءَ اڄ به خوبصورت ۽ پرڪشش آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.