غزا(م ڊ) حماس جي عسڪري ونگ چيو آهي ته هو 5 ڏينهن جنگ بندي جي معاهدي جي بدلي ۾ 70 يرغمالين کي آزاد ڪرڻ لاءِ تيار آهي. سعودي سڌ سماءَ جي ذريعن مطابق حماس جي عسڪري ونگ القسام بريگيڊ جي ترجمان ابوعبيده سوشل ميڊيا پليٽ فارم ٽيلي گرام تي پنهنجي پيغام ۾ چيو ته هن قطري ثالثن کي آگاهه ڪري ڇڏيو آهي ته هو 70 جي ويجهو عورتن ۽ ٻارن کي آزاد ڪرڻ تي تيار آهيون. هن چيو ته مڪمل جنگ بندي ۽ غزا ۾ هر جاءِ تي امدادي سامان ۽ انساني امداد پهچائڻ جي اجازت کي به معاهدي جو حصو ٿيڻ گهرجي.