حيدرآباد (ويب ڊيسڪ) قومي عوامي تحريڪ جي سربراھ اياز لطيف پليجي چيو آھي ته پنجاب ۽ ٻين صوبن ۾ غير قانوني افغانين خلاف آپريشننظر اچي ٿو، لکين افغاني واپس ٿي چڪا آھن ۽ سنڌ ۾ اڃا تائين پنج سئو افغاني به گرفتار ناھن ڪيا ويا، سنڌ ۾ آپريشن جي نالي ۾ ڊرامو ڪيو پيو وڃي.
جاري ڪيل بيان ۾ قومي عوامي تحريڪ جي سربراهه اياز لطيف پليجو چيو ته سنڌ ۾ لکين غير قانوني افغاني ۽ ٻين پرڏيھين کي شناختي ڪارڊ ۽ ٻيا ڪاغذ ٺاھي ڏيندڙ عملدارن کي گرفتار ڪري انھن کي نوڪرين مان خارج ڪيو وڃي، رشوت ڏئي جعلسازي سان شناختي ڪارڊ ۽ ٻيا ڪاغذ ٺهرائيندڙ غيرقانوني پرڏيهين کي پڪڙي واپس پنھنجي ملڪن ڏانھن موڪليو وڃي.
هن چيو ته ڪڏھن ڪارونجھر، ڪڏھن ڪوھستان، ڪڏھن ساحلي پٽي، ڪڏھن ٻيٽ وڪرو ڪيا وڃن ٿا، پيپلزپارٽي جي گذريل حڪومت ۾ ترقياتي ڪمن جي نالي ۾ اربين رپيا خرچ ڪيا ويا آھن پر سنڌ ۾ ھڪ به اھڙي يونين ڪائونسل ناھي جيڪس ماڊل ھجي ۽ سموريون بنيادي سھولتون ھجن، سنڌ ۾ 18 ضلعن ۾ ماڻھن کي گٽر مليل پيئڻ جو پاڻي فراھم ڪيو وڃي ٿو، شھر ڪچري جو ڍير ۽ ٻھراڙيون کنڊر بڻيل آھن.