سگهارو آپريشن ڪري غيرقانوني پرڏيهين کي ڪڍيو وڃي:رياض چانڊيو

ميرپورخاص (بيورورپورٽ) جيئي سنڌ محاذ جي چيئرمين رياض چانڊيو چيو آهي ته پنجاب ۾تيزي سان غير قانوني پرڏيهين کي ڪڍيو پيو وڃي، سڄي ملڪ مان 2 لک 37 هزار غير قانوني پرڏيهي ڪڍيا ويا آهن پر سنڌ مان رڳو هڪ هزار ڪڍيا ويا آهن، ڊسٽرڪٽ بار ميرپرخاص کي خطاب ڪندي وڌيڪ هن چيو ته پنجاب، ڪي پي ڪي، اسلام آباد ۽ ٻين علائقن مان غير قانوني پرڏيهين کي تيزيءَ سان ملڪ کان ٻاهر ڪڍيو پيو وڃي،آخر ڪهڙا سبب آهن جو سنڌ ۾ سگهارو آپريشن ڪري انهن ماڻهن کي نه پيو ڪڍيو وڃي، حيرت جهڙي ڳالهه آهي ته هن وقت تائين پوري ملڪ مان 2 لک 37 هزار غير قانوني پرڏيهي ڪڍيا ويا آهن جڏهن ته سنڌ مان رڳو هڪ هزار ماڻهو ڪڍيا ويا آهن، جڏهن ته غير قانوني پرڏيهين کي ڪڍڻ لاءِ سنڌ جي خزاني مان 4 ارب رپيا کنيا ويا آهن، ميرپورخاص ڊويزن مان هڪ ماڻهو  به ناهي ڪڍيو ويو، هن چيو ته اسان ڊسٽرڪٽ بار کي به گذارش ڪئي آهي ته اها ان ڏس ۾ قرار داد پاس ڪري ۽ غير قانوني پرڏيهين کي ڪڍڻ واري آپريشن کي روز جي بنياد تي چيڪ ڪري.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.