2024ع ۾ نواز شريف پراجيڪٽ آڻڻ جي ابتدا !

لاهور (عوامي آواز نيوز) 2018ع ۾ عمران پراجيڪٽ متعارف ڪرايو ويو هو ۽ نواز شريف حڪومت کي ڪمزور ڪرڻ لاءِ بي اي پي وجود ۾ آندي وئي هئي.

نامياري صحافي معظم فخر موجب هاڻي نظر اچي رهيو آهي  ته 2024ع ۾ نواز شريف پراجيڪٽ  متعارف ڪرائڻ لاءِ 2018ع جهڙيون سرگرميون شروع ٿي ويون آهن، نواز شريف کي بلڪل کليل ميدان ڏنو ويو آهي، فرق اهو آهي ته ماضيءَ  ۾ بي اي پي عمران پراجيڪٽ جي اتحادي هئي هاڻي ان پارٽيءَ  جي اڪثريت ن ليگ ۾ شامل ٿي وئي آهي.

ايم ڪيو ايم  ماضيءَ  ۾ عمران خان جي ۽ هاڻي نواز شريف جي اتحادي آهي. ان جو احساس نواز شريف کي به ٿي چڪو آهي ته کيس به اسٽيبلشمينٽ جو لاڏلو سمجهيو پيو وڃي، ان لقب مان جان ڇڏائڻ جو سوچي رهيو آهي. پر هاڻي شايد گهڻي دير ٿي چڪي آهي.

نوٽ: هي خبر روزاني عوامي آواز اربع 15 نومبر 2023ع تي شايع ٿي

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.