جنرل (ر) راحيل شريف کي عرب ملڪ 60 ڪروڙ ڊالرن جو جهاز تحفي ۾ ڏنو

اسلام آباد (عوامي آواز نيوز) نوازشريف جي وزيراعظم هجڻ واري دور ۾ ان وقت جي آرمي چيف جنرل راحيل شريف کي هڪ عرب ملڪ 60  ڪروڙڊالرن جو جهاز تحفي ۾ ڏنو هو.

نامياري صحافي  انصار عباسي چيو ته نامياري صحافي سهيل وڙائچ اهڙو انڪشاف پنهنجي ڪالم ۾ ڪيو آهي ۽ ڄاڻايو آهي ته ان وقت نواز شريف جهاز جو تحفو وٺڻ کان جنرل راحيل شريف کي منع ڪيو پر هو  نه مڙيو ۽ تحفو  جنرل راحيل سريف نه پر آرمي چيف جي عهدي لاءِ هئو. اهو جهاز اڄ  به اداري ۾ استعمال هيٺ آهي.

ڪالم ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته جڏهن نواز شريف سعودي عرب دوري تي ويو ته شاهه سلمان کيس چيو ته اسلامي سربراهي فوج جو سربراهه راحيل شريف هوندو. ان وقت جو وزيراعظم  نواز شريف اهو ٻڌي هڪو ٻڪو ٿي ويو.

جڏهن ته جنرل راحيل شريف هڪ پيغام نواز شريف کي اماڻيو ته مدي ۾ واڌ ڏيو ته پاناما جو مسئلو حل ٿي ويندو پر نواز شريف انڪار ڪيو نتيجي طور ادارن ۽ ججن جي ملي ڀت سان نواز شريف کي گهر ڀيڙو ڪيو ويو هو. سهيل وڙائچ ڪالم ۾ لکيو آهي ته ماضيءَ  جو حساب به ٿيڻ گهرجي.

نوٽ: هي خبر روزاني عوامي آواز اربع 15 نومبر 2023ع تي شايع ٿي

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.