190 ملين پائونڊ ڪيس: ملڪ رياض سميت اهم جوابدار ٻاهرين ملڪ فرار

اسلام آباد(عوامي آواز نيوز)  190 ملين پائونڊ ڪيس ۾ عمران خان، بشريٰ بي بي، فرح گوگي، شهزاد اڪبر، زلفي بخاري ،ملڪ رياض، علي  رياض جوابدار آهن، هن ڪيس جا عمران ۽ بشريٰ بي کي ڇڏي  تقريبن سمورا جوابدار ٻاهرين ملڪ وڃي چڪا آهن.

ملڪ رياض، شهزاد اڪبر ۽ زلفي بخاري ٻاهرين ملڪ آهن، اطلاع هئا ته علي رياض به پرڏيهه ۾ آهي، هن ڪيس ۾ فواد چوڌري، محمد ميان سومرو، فيصل واوڊا، زلفي بخاري، شيخ رشيد گواهي لاءِ سڏايا ويا، ٻن اڳوڻن ڪامورن احمد نواز سکيرا ۽ اعظم خان گواهي ڏئي چڪا آهن.

هڪ وڏو وڪيل جيڪو عمران خان جي ماضي ۾ وڌيڪ ويجهو رهيو آهي اهو به عمران خان خلاف گواهي ڏئي چڪو آهي.

نوٽ: هي خبر روزاني عوامي آواز اربع 15 نومبر 2023ع تي شايع ٿي

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.